سنڌ طاس منصوبي تي وڌيڪ ٽيڪاٽپڻي

0
128
سنڌ طاس منصوبي تي وڌيڪ ٽيڪاٽپڻي

 سنڌ طاس منصوبي تي هڪ مضمون “پاڪستان ۽ هندستان جو سنڌ-طاس منصوبي تي هلندڙ جهيڙو” اهو مضمون پنهنجي اخبار ۾ 2023-02-07 تي ڇپيو. وري انجنيئر اوڀايو خشڪ انهيءَ تي ٻيو مضمون لکيو جيڪو پنهنجي اخبار ۾ 2023-02-18 تي ڇپيو. انهيءَ مضمون جو عنوان هو “ڇا سنڌ-طاس معاهدو خطري ۾ آهي؟” انهيءَ تي مونکي فضل الله قريشي فون ڪري ٻڌايو ته ڇا انهيءَ تي ٻئي مضمون جي ضرورت هئي. سنڌ طاس معاهدو هڪ اهڙو معاهدو آهي جنهن ۾ گهڻيون ڳالهيون آهن انهيءَ معاهدي جي خاص ڳالهه اها آهي ته اهو معاهدو عالمي بينڪ جي تعاون سان ٻن ملڪن هندستان ۽ پاڪستان ۾ ٿيو. اهو هڪ مثالي معاهدو نه هو، ان ۾ خاص ڳالهه اها هئي ته هندستان اولهندي درياهن تي پاور هائوس ٺاهيندو جيڪي سڄو سال هلندا. اولهندا درياهه آهن جهلم، چناب ۽ سنڌو، ڪابل درياهه اڳ ئي سنڌو درياهه جو حصو آهي. جهيڙو وري ڪشن گنگا ۽ رتلي پاور هائوس ٺاهڻ واري منصوبي تي هو. پاڪستان چاهي پيو ته اهو نه ٺهي، جڏهن ته هندستان کي انهي کي ٺاهڻ تي زور هو. انهيءَ منصوبي ٺاهڻ جو فيصلو هڪ اڻ ڌري پاڻي ماهر تي هو يا عالمي انصاف واري عدالت تي. عالمي انصاف واري عدالت سوئزرلينڊ جي شهر هيگ ۾ آهي هندستان اهو جهيڙو کڻي عالمي انصاف جي عدالت ۾ ويو هو. جنهن جو فيصلو فائنل هوندو.

جهيڙي جي صورت ۾ پاڪستان ۽ هندستان ٻئي ملڪ آهن. پر جهيڙي جو فيصلو ٿيڻو آهي. يا پاڪستان جي حق ۾ ٿيندو يا هندستان جي حق ۾. پر سوال ٿو اٿي ته جيڪڏهن ٻئي ملڪ هن جهيڙي تي راضي نه ٿيا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هڪ حل اهو آهي ته ٻئي ملڪ انهيءَ فيصلي تي راضي ٿيڻ بدران انهيءَ معاهدي کي ئي ختم ڪن.

مان اها ڳالهه ممڪن ٿيڻ جي اڳڪٿي نه ڪئي هئي پر انجنيئر اوڀايو خشڪ انهيءَ بابت ٻڌايو ته معاهدي ۾ اها شيءَ آهي ته ڪوبه ملڪ انهيءَ کي رد نٿو ڪري سگهي. مان ٻيهر سنڌ-طاس معاهدو جيڪو 1960ع ۾ ٿيو هو کي وري کوليو جيڪو انگريزي ۾ هن ريت آهي: (ٽين شق)

The provisions of treaty, may from be modified by duly ratified treaty concluded for that purpose between the two governments.

وري چوٿين شق ۾ آهي ته:

The provisionally this treaty, or the provisions of this treaty, as modified under the provisions of paragraph (3), shall continue in force and terminated by a duly ratified treaty concluded for that purpose between the two governments.

مٿين ڳالهين مان خبر پوي ٿي ته معاهدو انهيءَ وقت تائين برقرار رهندو جيستائين ان ۾ ٻنهي ملڪن جي مدد سان تبديلي نه آندي وڃي ڇو جو انهيءَ تي ٻنهي ملڪن جي نمائندن صحيون ڪيون.

منهنجي خيال ۾ فضل الله قريشي جو اعتراض صحيح هو. اسان وٽ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي سنڌ سان واسطو رکندڙ هر ڪيس تي ويچار ڪن ٿا ۽ ان جي تصحيح ڪن ٿا، جيڪا هڪ سٺي ڳالهه آهي.