شاھه جي ڪلام۾جدوجهد

0
186
شاھه جي ڪلام۾جدوجهد

پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏَهِن تَڏهن پِرينءَ کي،

 ڏورِينديُون ڏِسَن، اَڱڻَ عجيبَن جا.

 همت، عزم ۽ جدوجهد واري، شاھه صاحب جي هن بيت موجب، باعمل ۽ اڻ ورچ انسان، مسلسل ۽ لاڳيتين ڪوششن سان نيٺ ته منزل مقصود حاصل ڪري ٿو.

                 شاھه ڀٽائي هڪ بي مثل شاعر هئڻ سان گڏ، هڪ ڪامل ۽ ڏاهو انسان هو. سندس ڪلام ۾ صاف ۽ سڌن لفظن ۾، ته گڏ تمثيلن ۽ علامتن جي اوٽ ۾، انساني زندگيءَ جي هر رخ جي مڪمل عڪاسي آهي. عملي زندگي ئي انساني حياتيءَ جو بنيادي حصو آهي. عمل کانسواءِ هن حياتي جي ڪا به وقعت ڪونهي. شاھه لطيف وٽ ڪمزور، ساده دل، بي وس پر باهمت ۽ باعمل انسانن جي لاءِ جيڪو احساس آهي. سو سندس شاعريءَ ۾ تمام اثرائتو چٽيل آهي. منڊي مورڙي جي سمجھه، سياڻپ ۽ همت ۾، بيوسيءَ جي باوجود مارئيءَ جي عزم ۽ استقلال ۾، سهڻيءَ جي ساده دليءَ ۽ جستجو جي جذبي ۾ ته خاص طور سسئي جي جدوجهد ۾، پاڻ اهڙا ته منظر پيش ڪيا اٿن جو عقل انساني اڄ ڏينهن تائين سندن ڪلام جي حيرت ۾ غلطان آهي. شاھه سائينءَ جا بيان ڪيل لوڪ ڪردار کانئن اڳ به قائم ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جو حصو هئا. پر ڀٽ ڌڻيءَ کين موتين جهڙن پُراثر لفظن ۽ سچن جذبن سان اهڙي ته اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي، جو نه فقط اهي ڪردار امر ٿي ويا آهن پر انهن جي صداقتن جا جذبا هميشه لاءِ قائم ۽ دائم رهجي ويا آهن.

سسئيءَ جي تمثيل کي پنجن سرن ۾ لاڳيتو بيان ڪندي، پاڻ ڪٿي کيس ساراهي ٿو، ته ڪٿي کيس تنبيهون ۽ فرمائشون ٿو ڪري ته ڪڏهن کيس همٿائيندي، لازوال مڃتا ٿو ڏئي.

“پڇن سي پسن” مان سندن مراد آهي ته جستجو، ڳولا ۽ اڻ ورڇ محنت ۽ “پسڻ” جو درجو آهي. اها حاصلات، عجيبن جي اڱڻ تي اهي ئي پهچنديون، جن جو “ڏورڻ” جو عمل هڪ ئي نقطي يعني “پرين پسڻ” جي گرد گهمندو، جڏهن سندن مقصد سچو هوندو ته واٽ پاڻيهي ملي ويندي. سسئيءَ کي ڪيترن ئي هنڌن تي اهڙيون هدايتون ڪيون اٿن جيئن:

“پيرين پنڌ وسار هل هينئين سين هوت ڏي.”“تتيءَ ٿڌيءَ ڪاھه ڪانهي ويل ويهڻ جي”، “اول ۽ آخر آ هلڻ منهنجو هوت ڏي”، “ٿڪيائي ٿر ٿيلھه چڙھ چڪيائي چوٽئين”، “ويٺي ور نه پون ستي نه ملن سپرين”، “ستي نه سرندياءِ ڪر پچار پرينءَ جي”، پير پٽائي ڪونئرا، ڏونگر مٿي ڏي”، “ڏورڻ منجهان ڏس پونديئه هوت جو” ۽ ٻيا ڪيترائي بيت هن ڏس ۾ ڳڻائي سگهجن ٿا.

شاھه ڀٽائي فقط تنبيهون ۽ هدايتون نٿو ڪري ۽ نه ئي هو سمجهائڻ ۾ سخت ناصح وارو رويو اختيار ٿو ڪري، بلڪه شاھ صاحب ته تڪليفن کانپوءِ مليل مانَ، شانَ ۽ حاصلات کي املھه ڪري ٿو ڄاڻائي. وٽس حياتيءَ جي جدوجهد جا مقصد ۽ مليل حاصلات کليل ڪتاب وانگر آهن جڏهن مادي حياتيءَ جون هدايتون ۽ سمجهاڻيون ٿو ڏئي، تڏهن روحاني ۽ ابدي سڪون جا يقين به ٿو ڏياري. موت کي ماري مات ڪندڙ مقصدي حيات کي “حياتِ جاودان”، ٿو سڏي. فرمائي ٿو ته:

“ثمر جن نه ساڻ هوت حمايتي تن جو، ” ڏوريندن کان ڏور پرين پرانهون نه ٿيئي”، “جو تون ڏورئين ڏور، سو سدا آهي ساڻ تو”، “سوري آ سينگار اصل عاشقن جو”، ڏک سکن جي سونهن گهوريا ڏک سکن ريءَ، “منجهي هوند مياس پر سورن کڻي سونهون ڪيو.”

مطلب ته سڀني ڪوششن جو حاصل ضرور ملي ٿو. ايئن نه آهي ته ماڻهوءَ جون محنتون رائيگان ٿي ٿيون وڃن. بيشڪ اسان وٽ ظاهري اسباب نه هجن ته به نيڪ مقصدن ۽ سچاين جي لاءِ هوت حمايتي ٿي منزل تي پهچائيندو. عمل، جدوجهد ۽ قربانيءَ جون اعليٰ وصفون ئي عاشقن جي زندگي بامعنيٰ ٿيون بنائين. اڻ ورچ انسان ئي سماج جي سونهن آهن، ڏٺو وڃي ته فقط هڪ فرد جي سستي ۽ نااهلي به سماج لاءِ سخت هاڃيڪار آهي. حياتيءَ جي هر هڪ رخ کي جانچيو وڃي ته چاهي اهو عبادت هجي يا علم جي حاصلات، سياست هجي يا سماج سڌارڪ جا ڪم، رهبري هجي يا مزدوري، هر هڪ عمل سچائيءَ ۽ اخلاص سان گڏ، محنت جو محتاج آهي، جنهن جي لاءِ هميشه کان ڏاهن ۽ سڄاڻن سمجهايو آهي.

شاھه ڀٽائيءَ جي پياري فقير تمر کي سندس وڏن ننڍپڻ ۾ شاھه سائينءَ جي حوالي ڪيو هو. تمر فقير شاھه صاحب جي زير سايه رهيو، ان ڪري کيس شاعريءَ سان شغف هو. هو گنج جي ڪاتبن ۾ شمار ٿئي ٿو. سندس شاعريءَ جو ٿورو نمونو مليو آهي، مٿس شاھه جو گهڻو اثر آهي. هُن جدوجهد ۽ مسلسل محنت کي هن ريت مڃتا ڏني آهي.

گنگا ڀيٽي گومتي، سامي سير ٿيا،

ويراڳي واحد لاءِ، ڪنهن جنهن پھ پيا،

 مٿي تيرٿ تمر جي، او واڪيندا ويا،

 تن ڪاڇوٽين ڪيا، هڻي گس هنگلاج ڏي.(1)

مقصدي ۽ اڙانگا رستا اهي اختيار ڪندا آهن جن جي لاءِ سوري سيج ۽ مرڻ مشاهدو هوندو آهي. جن وٽ “ويجهو وڃ مَ واٽ ڪهج ڪواٽ ڏي” جو رستوئي سنئون رستو آهي. سسئيءَ جي اختيار ڪيل “ڪُواٽ” (پنهون لاءِ پنڌ) ڏکيو هوندي به سندس متاع حيات آهي، انهيءَ ڪري ان رستي تي ايندڙن کي به پلي ٿي ته متان منهنجي محبوب تي ڏمرڪن، سسئي جي واتان سندس اهو جذبو شاھه سائين هن ريت ٿو بيان ڪري.

سَرتِيون سُڄي سُڃَ، متان ڪا مُون سين هَلي،

پاڻي ناھه، پَنڌُ گهڻو، اڳِيان رائو رُڳي رُڃَ

مَڇَڻُ مري اُڃ، ڪا ڏِئي پاراتو پرينءَ کي.

(1-8، حسيني)

زماني جي انڌي تقليد ڪندڙ عام ماڻهن جي بجاءِ سمجهو ۽ سڄاڻ حياتي گهارڻ لاءِ هڪ چونڊيل واٽ اختيار ڪندا آهن. بقول ڀٽ ڌڻي “لهوارو لوڪ وهي تون اوچو وھه اڀار” اها شعوري ۽ چونڊيل واٽ، اڙانگي هئڻ سان گڏ ڪيترين ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن سان سينگاريل هوندي آهي

انگريزي ۾ چوڻي آهي ته:

Do not be afraid of your first failure because it is your first step towards.

هن دنيا ۾هر شخص کي پنهنجي عملي ڪار گذاريءَ سان رهڻو آهي. سڄي ڪائنات جيڪا گل گلزار لڳي ٿي، سا صرف عملي طور جدوجهد جي سبب سان ٿي آهي. رب پاڪ هر شخص کي سندس ذهني ۽ جسماني قوتن کان ڪم وٺڻ لاءِموقعا مهيا ڪري ٿو۽ اهو هر ڪنهن جي پنهنجي ذاتي صلاحيتن ۽ محنتن و رياضتن تي منحصر آهي ته هو پنهنجو پاڻ مان، وقت مان ۽ پنهنجي ماحول مان ڪيترو ٿو پرائي. ڪنهن به ميدان ۾ ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سالها سال وڏن ڪشالن جي ضرورت به هجي ٿي. صحيح رهنمائي، سمجھه ۽ ڌيرج، سان گڏ جهد مسلسل ئي منزل جي حاصلات کي سهل ٿي بنائي. ڪو به ماڻهو يا ڪا به قوم تيستائين سر بلنديءَ سان همڪنار نٿي ٿئي، جيستائين هو پنهنجي پاڻ کي تج ڪري، سختيون سهائي، خداداد صلاحيتون اڳيان نٿي آڻي. زندگي ته تبديليءَ جي پيغام سان گڏ ئي انقلاب جو گس آهي انهي انقلاب کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ شاھ سائين هن ريت حڪم ڏنو آهي.

اڃا تون اُواٽ، واٽان پاسي ويسَرِي،

سونهين ٿيءُ سواٽ، ته منجهانُ دِلِ دَڳ لَهِين.

هن ڪائنات جي انساني ترقي يافته ڊوڙ جو سڄو عمل “پڇڻ”، “ڏورڻ” ۽ “پسڻ” جي روش جي چوگرد گهمي ٿو. هيءَ سڄي ترقي انهيءَ ئي نظريي مطابق ٿي آهي. شاھه سائينءَ کي خبر هئي ته، “ويٺن تان واري ورندي آهي.”“ترت تار اهي لنگهنديون جن جي اڪنڊ سچي هوندي.” هن دنيا جي هيءَ جديد ترقي، جيئن گهريلو آسائشن کان وٺي جنگي سازو سامان جي جديد ٽيڪنالاجيءَ تائين، جيڪي اڳ ۾ ممڪن نه هو سو هاڻي ممڪن آهي، جيڪو هن وقت ناممڪن آهي، سو يقينن ايندڙ وقت ۾ ممڪن هوندو. صرف ۽ صرف مٿئين فلسفي جي ڪري. معنيٰ ته اسان لاءِ اهوئي اهم آهي ته اسين مستقبل لاءِ پر اميد ۽ حال ۾ محنت ڪندڙ هجون. ڏورڻ ۽ پسڻ جي فلسفي تي غور ڪندي جستجو جاري رکون. بقول شاھه سائين:

جَبَل ماري جَکَ، جو آڏو آريچَنِ کي،

توڻي لَڪَن لَکَ، سڀ لنگهندِيَسِ سِڪَ سين.