عمران خان جو سپر ڪنگ ۽ سپر ڪنگ جو عمران خان

0
162
عمران خان جو سپر ڪنگ ۽ سپر ڪنگ جو عمران خان

  هي 12 فيبروري جو ڏينهن هو ۽ حسب روايت اڳوڻو وزيرِاعظم ۽ پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان پنهنجي ڪارڪنن ۽ عوام کي لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪري رهيو هو. پنهنجي وڊيو بيان ۾ هن جتي عدالتن سان گڏ بيهڻ جي ڳالهه پئي ڪئي اتي هن هڪ هي بيان به ڏنو هو ته، “اڳوڻو آرمي چيف جنرل باجوا سپر ڪنگ هو. حڪومتي فيصلا اهو ڪندو هو.” ان جو مثال هن هي پيش ڪيو ته، “جنرل باجوا جو چيف هجڻ دوران شهباز شريف کان پڇاڻو نه پيو ڪري سگهجي.” هن چيو ته، “باجوا جي دور ۾ ئي اين آر او ٽو ڏنو ويو ۽ ملڪ مٿان ٻن خاندانن کي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ بڻايو ويو. اهي ٻه خاندان ملڪ جو ستياناس پيا ڪن پر پڇڻ وارو ڪير ڪونهي ڪو. ڇاڪاڻ جو باجوا پاران ڏنل اين آر او ٽو جي حفاظت ڪئي پئي وڃي. هو هاڻي اعلى عدالتن سان چالبازي پيا ڪن. اهي منهنجي نااهلي چاهين ٿا.” پنهنجي ساڳي بيان ۾ عمران خان هي به چيو ته، “اڳوڻي آرمي چيف هي به چيو هو ته، ملڪ کي عمران خان کان بچائڻو آهي. سندس ڳالهيون ٻڌندو آهيان ته حيران ٿيندو آهيان. جنرل باجوا جنهن فائيل کي اوڪي ڪندو هو ته ڪم ٿيندا هئا. سڀ ڪم هو پاڻ ڪندو هو پر عوام جي ڪاوڙ جو شڪار ۽ مخالفن جي تنقيد جو نشانو وري آءُ بڻبو هئس.”  هنن بيانن کي پڙهي هڪ آئيني سربراهه جي بي وسي کي سمجهندي چئي سگهجي ٿو ته جنرل باجوا ئي واقعي “سپر ڪنگ (ديوتا)” هو ڇاڪاڻ جو ملڪ جي وزيرِ اعظم هوندي يعني آئيني سربراهه هوندي ملڪ جي ڪاروهنوار کي هلائڻ وارو ڪنهن اداري جو ڪو سربراهه هجي ته ان ۾ ڏوهه وزيرِاعظم جو بڻجي ٿو يا ان سربراهه جو جيڪو خود وزيرِ اعظم يا صدر جي ماتحتي ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ آئيني طور تي پابند آهي. پر مسئلو هي آهي ته جڏهن اسان ٻين کي بي ايمان سمجهي، عدالتن جي مدد سان سندن تي بي ايماني جا ٺپا لڳرائي انهن کي جيلن اندر بند ڪري، ملڪ جي آئين جا پنهنجي مرضي جا مطلب ڪڍي ۽ پاڻ کي عقلِ ڪل ۽ مها ايماندار سمجهي ملڪ جي واڳن کي هٿ ۾ پڪڙيون ٿا ته پوءِ اسان جڳ جهان ۾ مذاق نه بڻباسين ته ٻيو ڇا بڻباسين. ۽ هيءَ ڪهڙو مذاق آهي ته اصل حڪمران مان نه پر ڪو ٻيو هو. جڏهن اسان کي معلوم به هو ته پوءِ ملڪ مٿان پوڻا چار سال حڪومت ڪرڻ جو فائدو توهان ڪنهن کي ڏنو؟ پاڻ کي؟ ملڪ کي؟ يا ان شخصيت کي جنهن کي توهان هاڻي سپر ڪنگ چئي رهيا آهيو. اسان وٽ هونئن به ايئن ئي ٿيندو آهي ته اسان جڏهن ملڪ جا سربراهه هوندا آهيون ته حڪومت ۽ ملڪي ادارا هڪ صفحي تي نظر اچڻ جا ڀاشڻ به ڏيندا آهيون، آءِ ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جون فرمائشون ۽ پاليسيون به ملڪي مفاد ۾ لڳنديون آهن، مهانگائي به بس ڪجهه ڏينهن جو کيل لڳندي آهي ۽ مهانگائي جي جن کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ڪڏهن چانهه گهٽ ڪرڻ، ڪڏهن هڪ وقت ماني نه کائڻ، سفر نه ڪرڻ يا سادگي جون نصيحتون به اسان جا محبوب مشغلا بڻجي پوندا آهن ۽ مخالفن جا بيان، سندن جون ڳالهيون، ٽي وي ٽاڪ شوز، يا پريس ڪانفرنسون دشمن ملڪ جي سازش، ملڪ جي خلاف صليبي سازش يا ملڪ کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون محسوس ٿينديون آهن پر حڪومت مان ٻاهر اچڻ شرط اسان کي پنهنجي بي وسي ۽ بي حسي نظر نه ايندي آهي پر اسان کي سپر ڪنگ ضرور نظر ايندو آهي. چوڻي آهي ته، “پڄي پاڻ کان ڪونه پر لک لعنت وري به گوڏن تي”

پاڪستان جي سياسي تاريخ کي پڙهڻ سان ڇا اسان کي هي معلوم ناهي ٿيندو ته بادشاهه ڪير ۽ ديوتا ڪير آهي. ڇا اسان کي هي خبر ناهي هوندي ته اصل ۾ اسان اقتداري ڪرسين تي ويهاريل ڌاڳن وارا گڏا هوندا آهيون ۽ اسان کي ٺينگ ٽپا ڏيارڻ وارا ڪي ٻيا هوندا آهن. زبان اسان جي هلندي آهي پر موقف ٻين جو هوندو آهي. پاليسين ۽ آئيني ترميمن کي لکندا اسان آهيون پر مواد ڪنهن ٻئي هنڌان ايندو آهي. پرڏيهي دورا اسان ڪندا آهيون پر معاهدا ٻين سان ٿيندا آهن. ووٽن ۾ اسان حصو وٺندا آهيون پر کٽائڻ وارا ڪي ٻيا هوندا آهن. اقتداري ڪرسين تي اسان ويٺل هوندا آهيون پر اختيار جو گهر ڪو ٻيو هوندو آهي. سڀ ڄاڻ هوندي آهي پر اقتدار جي ڪرسي ملڻ بعد اسان کان ملڪ جو آئين وسري ويندو آهي، اسان کان عوام پاران ڏنل اهو ووٽ به وسري ويندو آهي جيڪو هو اسان کي هن آسري تي ڏيندو آهي ته هلو ٻيو ڪجهه کڻي نه به ٿئي پر گهٽ ۾ گهٽ مهانگائي جي جن کي ته قابو ڪيو وڃي. پر اهو جن 75 سالن کان عوام جون ننڊون ڦٽائي رهيو آهي، ٻچا کائي رهيو آهي، امن و امان جا مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي، غربت ۽ لاچاري وڌائي رهيو آهي، روزگار جا ذريعا محدود کان محدود ڪري رهيو آهي ۽ سڀ کان خطرناڪ ڳالهه ته ماڻهن کي پنهنجو موت پاڻ ڪرڻ طرف ڌڪي رهيو آهي پر اسان وري به هي چئون ٿا ته اصل واڳ مون وٽ نه پر ديوتا وٽ هئي. ڇا صرف ديوتا ئي هن ملڪ کي هن حال تائين پهچايو آهي جو اڄ توهان کي دنيا کي منٿون ٿيون ڪرڻيون پون ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري چڪو آهي ٻيلي ڪجهه مدد ڪريو. اسان جا سڄڻ ٿيو ۽ عالمي ادارن کي سفارش ڪريو ته اهي اسان کي سولين شرطن تي قرض ڏين. ڪڏهن چين وڃي چِل ولايون ٿا ڪريو، ڪڏهن سعودي عرب وڃي الله جا واسطا ٿا ڏيو، ڪڏهن ترڪيا وڃي ترڪ تال ٿا ڪريو ۽ ڪڏهن آمريڪا وڃي ايلاز منٿون ڪرڻ سان گڏ عوام ۽ ملڪ جا روئڻا پٽڻا ٿا ڪريو، پر باوجود هنن سڀني حرفتن ۽ چالاڪين جي عالمي مالياتي ادارا اسان کي گاهه به ڪونه ٿا وجهن الٽو نوان نوان شرط مڃائڻ ۾ اسان کي رلائي ماري رهيا آهن. اسان نه ڪلهه پنهنجا سڄڻ هئاسين. اسان نه اڄ پنهنجا سڄڻ آهيون. باقي جيتري قدر ايندڙ وقت جو تعلق آهي ته بقول پاڪستان جي جڳ مشهور ناٽڪ نويس منو ڀائي جي ته، “مستقبل ته مبهم هوندو آهي سو سڀاڻي ڪنهن ڏٺو آهي؟” پر جيڪا قيادت پنهنجين غلطين مان نه سکي، جيڪا قيادت پنهنجي هوڏ کي نه ڇڏي ۽ جيڪا قيادت ملڪي مامرن جو ذميدار صرف ئي صرف ٻين کي سمجهي ته يقين ڄاڻو هي ملڪ پوئتي ته وڃي سگهي ٿو پر اڳتي وڌڻ واريون هن جون ڪيئي واٽون جن مان ڪجهه بند ٿي چڪيون آهن ۽ باقي جيڪي ٿوريون گهڻيون بچيل آهن اهي به بند ٿي وينديون. بحيثيت قوم ۽ قيادت اسان مثالي ناهيون رهيا. مثالي هجون ها ته اسان جي شهرن، اسان جي ادارن ۽ اسان جي بنيادي ڍانچن جي جيڪا حالت آهي گهٽ ۾ گهٽ ۾ ايئن ڪونه هجي ها جيڪا اڄ نظر اچي رهي آهي. اسان جي سياسي قيادت جيڪا خود ڊيلز جي ذريعي پنهنجي سياسي بتن ۾ ساهه وجهي رهي آهي، ۽ جيڪا هي طعنو ڏئي رهي هجي ته ملڪ جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ذميداري وارو ٺيڪو ڇا صرف مون کنيو آهي ته هنن ڊيلز ۽ مهڻن مان ئي اها جهلڪ نظر اچي وڃي ٿي ته اسان جي قيادت ڪهڙي قسم جي آهي. عمران خان کي آڻڻ وارو سپر ڪنگ ان وقت هن کي تمام گهڻو وڻي رهيو هو جڏهن هو هن کي ملڪ جي باقي قيادت کي سوڙهو ڪرڻ ۾ اڳيان اڳيان هو ۽ هن کي اقتدار جي مستند تي ويهارڻ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري رهيو هو. سپرڪنگ هن جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو، اهو ته هاڻي تاريخ ٿي ويو. پر جڏهن سپر ڪنگ جي به، هڪ آئيني اداري جي سربراهه کي مقرر ڪرڻ تان ڇڪتاڻ پيدا ٿي ته ان جا به عمران خان جي حوالي سان جيڪي خواب هئا اهي چڪنا چور ٿي ويا. هن جي ذهن مان به عمران خان جي سحر ۽ اميدون رکڻ جا نشا ٽٽا ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته ٻيلي اسان ڪم خراب ڪري ويٺا آهيون. “سئو راتيون سوناري جون ته هڪ رات لوهار جي” مصداق وانگي يوڪرين – روس جنگ بعد سپر ڪنگ عمران خان جي خلاف کلي ڪري سامهون آيو ۽ ان پاران يوڪرين تي روس جي چڙهائي جي کلي نندا ڪئي وئي. نندا ڪرڻ جي لاءِ به هڪ عالمي سپر ڪنگ جو زور هو. سو عمران خان جي سپر ڪنگ ۽ سپر ڪنگ جي عمران خان واري ڪهاڻي “لوَ اينڊ هيٽ” جو روپ ڌاري چڪي آهي. هن وقت عمران خان جو سپر ڪنگ به رٽائر ٿي چڪو آهي ۽ سپر ڪنگ جو عمران خان به حڪومت کان ٻاهر آهي ته ٻنهي لاءِ هاڻي ماحول هي بڻجي چڪو آهي ته، “هي گوءِ هي ميدان.” پر اصل ڳالهه هي آهي ته اسان اڄ به هي چئون ٿا ته ملڪي مسئلن جو حل جمهوري سياست ۽ عوام سان ڀلائي ڪرڻ ۾ آهي. ڊيلز ۽ مهڻن کان پاڪ سياست ئي رياست کي محفوظ بڻائي سگهي ٿي ۽ اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿي باقي اقتدار جي شوق ۾ ٻار وانگي انگل ڪري ڪرسي کي ته پڪڙيو وڃي ٿو ۽ اقتدار جي نشي ۾ ڪا ڊيل ڪري جڏهن عوام جي ووٽ جي توهين ڪئي وڃي ٿي ته ان ٻاراڻي انگل ۽ ووٽ جي توهين جو پلاند ٻيو ڪير ڪري نه ڪري، پر تاريخ ضرور ڪري ٿي.