ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، لاڙڪاڻي، سکر کانپوءِ قمبر شهدادڪوٽ تائين بسون هلائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته جلد 500 بسون خريد ڪيون وينديون، ان حوالي سان ڪالهه سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اجلاس ٿيو، ان موقعي تي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڳالهائيندي چيو ته اورنج ۽ گرين لائين کي ڳنڍڻ لاءِ عيد کانپوءِ شٽل سروس شروع ڪئي ويندي، هن وڌيڪ چيو ته انوڀائي پارڪ کان جناح وومين ڪاليج تائين مفت شٽل سروس فراهم ڪئي ويندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي منصوبي تحت 18 ارب رپين جي 300 بسن جو واعدو ڪيو هو پر ان تي عمل ناهي ٿي سگهيو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انٽر ڊسٽرڪٽ ٽرانسپورٽ منصوبي تحت عوام جي سهولت لاءِ 500 بسون خريد ڪيون وينديون، ييلو لائين بس سروس تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اميد آهي ته جلد ئي ييلو لائين بس سروس مان عوام فائدو حاصل ڪري سگهندو، هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي کان حيدرآباد، ميرپورخاص کان حيدرآباد، لاڙڪاڻي کان سکر، لاڙڪاڻي کان قمبر تائين بسون هلائيندي،