شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي لکيدر ٿاڻي جي حد الف شاھ شھيد واري علائقي مان ھفتو اڳ اغوا ٿي ويل 8 ورھين جو مھربان ڀٽي بازياب ناھي ٿي سگھيو، جنھن سبب نينگر جي امڙ پنھنجي جگر جي ٽڪري کي ياد ڪري بي حال بڻجي وئي آھي نينگر جي گھر ۾ ماتم ڀرپا ٿيل آھي، نينگ جي بازيابي لاءِ  پوليس ڪوبه ڪردار ادا ڪري نه سگھي آھي، ياد رھي ته ڌاڙيلن پاران معصوم مھربان جي وارثن کان 50 لک ڀنگ گھريو ويو ھو.