سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ريجنٽ ڪالوني مدينا محلي ۾ 13 ورھين جي نينگر  زين العابدين ولد محمد صادق صديقيءَ کي مبينا اجتماعي بدفعليءَ جو نشانو بڻائڻ بعد گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي. اھڙي اطلاع ملڻ بعد پوليس نينگر جو لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ۽ ميڊيڪل رپورٽ ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، وارث عورتون، مرد لاش کي چنبڙي روئيندي اُڀ ڏاريندڙ دانھون ڪندا رھيا. نينگر جي وارثن لاش کڻي سکر پريس ڪلب آڏو مينارا روڊ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. اِن موقعي تي مقتول نينگر جي والد محمد صادق صديقي، سندس گھرواري مسمات سلمه ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالھائيندي الزام مڙھيو آھي ته گھر جي چند قدم مفاصلي تي ھڪ بااثر ماڻھن جو گھر آھي، جِتي روزانو شراب واپرايو ويندو آھي، اسان جو پٽ دڪان تي وڃي رھيو ھو، جنھن کي زبردستي کنڀي جاءِ تي کڻي ويا، جِتي کيس اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻائڻ بعد گوليون ھڻي کيس بيدريءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آھي. پوليس بااثر جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھي، سول اسپتال انتظاميا توڙي پوليس ھن وقت تائين ابتدائي رپورٽ يا وري حقيقت ٻڌائڻ جي لاءِ تياري ناھي. ھنن ٻڌايو ته جِتي واقعو پيش آيو آھي اُتي سي سي ٽي وي ڪئمرائون لڳل آھن، اُتي ٽاورز جي بجلي ھلندي آھي پر لوڊشيڊنگ دوران واقعو پيش اچڻ جو ڄاڻائي رڪارڊنگ گم ڪرائي وئي آھي. ھڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڌرڻو جاري رھڻ سبب ٽريڪ مڪمل طور تي بلاڪ ٿي وئي، جنھن ڪري اي ايس پي سٽي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪيون مظاھرين مطالبا تسليم ٿيڻ تائين ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنھن بعد ايس ايس پي سکر عابد علي بلوچ مظاھرين وٽ پھچي کين خاطري ڪرائي ته جوابدار ڪيترا به بااثر ڇو نه ھجن انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي گرفتار ڪيو ويندو. اھڙي خاطري بعد مظاھرين پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ مقتول نينگر جي ريجنٽ ڪالونيءَ ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن سکر سي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول نينگر زين العابدين جي والد محمد صادق صديقيءَ جي فرياد تي ٽن نامزد جوابدارن ياسين ولد شاھد علي ناپر، خالد ولد خادم حسين، خادم حسين ولد محمد بخش ۽ ھڪ اڻ سڃاتل جوابدار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندي موقف ااختيار ڪيو آھي ته جوابدار ياسين ناپر ۽ خالد وارن منھنجي پٽ سان زنا ڪئي آھي ۽ انھي ڳالھه جي شڪايت ڪرڻ جي ضديت جي ڪري مٿين جوابدارن گڏجي ھم صلاح ٿي منھنجي پٽ زين العابدين کي گھلي ڪري زنا ڪرڻ جي لاءِ کڻي وڃي رھيا ھئا دانھن ڪرڻ تي نينگر کي پستول جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو آھي. منھنجي پٽ ان قسم جي شڪايت ڪئي ھئي  ته ڄاڻايل جوابدارن مون سان زنا ڪئي آھي ۽ غلط قسم جون حرڪتون ڪن ٿا ۽ مان انھن کي منع ڪئي آھي ته مون کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. اھڙي دانھن جوابدارن جي وڏڙن کي ڏنيم جن مون کي ڪو به خاطر خواھ جواب نه ڏنو. انھي شڪايت ڪرڻ تي ياسين ۽ خالد وارا ناراض ھئا ۽ چوندا ھئا ته توھان کي سبق سيکارينداسين.