لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي مان 6 مهينا اڳ روزگار بهاني هرکجي اغوا ٿيل سونارو نوجوان خيرمحمد جمالي گهر پهچي ويو. گهر پهچڻ تي سندس امڙ استقبال ڪيو ۽ کيس ڀاڪر پاتا. خيرمحمد جمالي جي وارثن بازيابي لاءِ چندو گڏ ڪيو هو جنهن کان پوءِ پوليس عملدار جي ٽيم جي هڪ سب انسپيڪٽر معرفت مغوي نوجوان جي بازيابي جي ڊيل ٿي ۽ ڀنگ ڀرڻ بعد کيس آزاد ڪري پوليس حوالي ڪيو ويو. اهڙي معاملي بابت لاڙڪاڻو پوليس طرفان ڪا به پريس ڪانفرنس نه ڪئي وئي ۽ هڪ تصوير سان پڌرائي جاري ڪئي وئي جنهن ۾ بازياب ٿيل نوجوان، ايس ايس پي لاڙڪاڻو مير روحل خان کوسو ۽ ٻين کي نوٽن جا هار پاتل آهن. خيرمحمد جمالي ٻڌايو ته مون کي ڌاڙيل لاڙڪاڻي مان اغوا ڪري ڪرمپور جي ڪچي واري علائقي ۾ کڻي ويا جتي منهنجون اکيون بند ڪيون ويون بعد ۾ خبر نه پئي ته مون کي ڪٿي وٺي ويا. نوجوان انڪشاف ڪيو ته اغوا وقت ڌاڙيلن مون کي ڄنگهه ۾ گولي هڻڻ جو ڊرامو ڪيو حقيقت ۾ مون کي ڄنگهه ۾ گولي نه لڳي. هن چيو ته لاڙڪاڻو پوليس جو ٿورائتو آهيان جن مون کي بازياب ڪرايو نه ته ڌاڙيل مون کي گولي هڻي ماري ڇڏين ها.