ڏيپلو(رپورٽ: نريش موراڻي) ڏيپلو جي ڳوٺ ڳڀڻ ۾ لوڻ جي سن جي ليز تي ھلندڙ تڪرار سبب لوڻ کاڻ جي ليز مالڪ کپرو واسي سميا راڄڙ جي 20 کان مٿي ھٿياربندن رميش مينيجر سان گڏجي فجر جو ڳوٺ ڳڀڻ پھچي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ سبب ڳوٺ ۾ خوف حراس ڇانئجي ويو . ڳوٺاڻن مڙسي ڪري ڪجھ ماڻهن کي پڪڙي ورتو، جڏھن ته ڪجھ ماڻھو فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا .ڳوٺاڻن خميسو نهڙي، محمد بخش ۽ ٻين ڳوٺاڻن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته لوڻ جي سن جي ليز اسان مقامي ماڻھن جو پهريان حق آهي، جيڪو ٻين ضلعن جي ماڻھن کي ڏني وئي آهي، ھينئر انهن جي ليز ختم آهي پوءِ به قبضو ڪيو ويٺا آهن. جنهن ڳالهه تان اسان جو تڪرار آھي، پھريان به انهن اسان مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا جيڪي خارج ٿي ويا . انهن راڄڙن پاران ڪيل ڪيس جي شنوائي اربع جي ڏينھن ھئي، جيڪا جنهن ۾ ڪوڙا ثابت ٿي رھيا ھئا ته انهن ڪيس تان ھٿ کڻي ويا ۽ شام جو ماڻھو وٺي آيا ۽ فجر جو حملو ڪيو جنهن ۾ اسان ڳوٺاڻن ھمت ڪري ھٿياربندن کي سوگھو ڪري ورتو ۽ وٽائينس مختلف ھٿيار، گوليون ،واڪي ٽاڪي اسان ڦري ورتا . جنهن کان پوءِ پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس سرزمين تي نه پھتي، وڌيڪ جهيڙي جو خطرو آهي، جڏهن ته ھٿياربندن کي ڇڏائڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي حملي آور اچي سگھن ٿا جھيڙو وڌي سگھي ٿو ليڪن پوليس اچڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهنڪري اسان اوھان ميڊيا وارن کي گهرايو .اوھان جي خبرن کان پوءِ  ايس ايڇ او ڏيپلو آيو ، ماڻھو انهن جو اسلحو سڀ کڻي ويا. لوڻ کاڻ جي مئنيجر ۽ پڪڙيل ھٿياربندن جي اڳواڻ رميش ٻڌايو ته اسان ڪوبه حملو نه ڪيو آھي، اسان تي ڪوڙا الزام لڳائي ڦاسايو پيو وڃي . اسان لوڻ جي سن تي ھياسين اسان کي گهرائي ٻڌي ويھاري حملي جا الزام لڳايا پيا وڃن. جڏھن ته ايس ايڇ او ڏيپلو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته اسان کي انهي معاملي جي ڄاڻ نه آھي پڇا ڪريون ٿا . جنهن کان پوءِ ايس ايس پي ٿرپارڪر علي مردان کوسو سان رابطو ڪرڻ تي ھن ٻڌايو ته مون کي جيئن معاملي جي خبر پئي ته پوليس موڪلي آهي، آئون پاڻ رابطي ۾ آھيان .