ٺري ميرواھ (ن پ ا) ٺري ميرواھ جي ڳوٺ ڦوٽو خان دستي ۾ گھر اندر راند کيڏڻ دوران ٻن ورھين جو معصوم نينگر قاسم پٽ سرفراز دستي بجلي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب ڦاسي پيو جنھن کي بچائيندي موقعي تي ئي موجود نينگر جي چاچي گلناز ناظرين زال تنوير احمد دستي به بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، ھڪ ئي گھر ۾ معصوم نينگر ۽ عورت جي فوت ٿيڻ بعد سندن گھر ۾ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته واقعي بعد ڳوٺ ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو.