قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد لڳ قلندر لال شھباز جي مزار تان زيارت ڪري واپس ايندڙ زائرين سان حادثو ٿي پيو، آمري روڊ تي  موٽر سائيڪل لوڊر رڪشا ۽ ڊاٽسن ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ رڪشا سوار نينگر دانيال فوت ٿي ويو جڏھن ته مسمات شڪيلا، مسمات وسائي، مسمات فضيلا، قربان ۽ ساجد علي زخمي ٿي پيا، جن کي قاضي احمد اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي 3 ڄڻن  جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين نواب شاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمي عابد حسين ٻڌايو ته اسان قلندر جي درگاھ تان زيارت ڪري واپس اچي رھيا ھئاسين ته قاضي احمد ڀرسان ڊاٽسن اسان جي لوڊر رڪشا کي زودار ٽڪر ھنيو ۽ حادثو پيش آيو آھي.