لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو) دي يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جي ملازم تنظيم ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسئيشن طرفان پگهارون جاري نه ڪرڻ خلاف شروع ڪيل احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ملازمن کي احتجاج ڪرڻ مهانگو پئجي ويو آهي. يونيورسٽي جي قائم مقام وائيس چانسلر جي هدايتن تي رجسٽرار طرفان احتجاج ڪندڙ 14 ملازمن کي بدانتظامي جي الزام هيٺ معطل ڪري سندن جي يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي مڙهي اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ سراج احمد ڀٽو، عبدالمالڪ سومرو، نسيم احمد ڪيهر، عبدالجبار چانڊيو، قائم الدين رند، فياض احمد راڄپر، ذوالفقار علي ڀٽي، غلام مصطفيٰ اوڍو، سراج جتوئي، عادل کوکر، اصغر علي، ذوالفقار علي لهر، ٻيجل انصاري ۽ سيف الله چانڊيو شامل آهن. ٻئي پاسي ملازمن طرفان چئن مهينن جون پگهارون جاري نه ڪرڻ توڙي ڪالهه به ايڊمن بلاڪ اڳيان ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ڌرڻي ۾ شامل ملازمن حضور بخش ڏيپر، مظفر علي گاڏهي، بلاول جوکيو، سليم احمد خاصخيلي، غلام عباس چانڊيو، نجم الدين ساريو، منظور علي جتوئي، طارق علي لغاري ۽ ٻين چيو ته قائم مقام وائيس چانسلر زاهد حسين کنڊ هفتو اڳ ارڙو يونيورسٽي گهرائي ڳالهيون ڪري سمورا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن کان پوءِ هو يونيورسٽي پهتو جتي ملازم اڳواڻن ساڻس ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر هن ملاقات ڪرڻ توڙي مسئلا حل ڪرڻ کان کتو جواب ڏئي پوليس کي گهرائي ملازمن کي ڌمڪيون ڏياريون جنهن کان پوءِ ڪالهه رجسٽرار طرفان 14 ملازمن کي معطل ڪري سندن جي يونيورسٽي ۾ داخلا تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن سنڌ جي وڏي وزير سميت لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي قائم مقام وائيس چانسلر، رجسٽرار رفيق احمد کوسو ۽ ڊائريڪٽر فنانس ممتاز علي لاشاري کي هٽائي مستقل وائيس چانسلر مقرر ڪري ملازمن کي پگهارون جاري ڪري معطل ملازمن کي بحال ڪيو وڃي هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته عيد کان اڳ پگهارن سميت جائز مسئلا حل نه ڪيا ويا ته عيد بعد 26 هزارن ملازم ڪراچي رخ ڪندي احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن جي چيئرمين نور محمد هليو ۽ ٻين اهڙي عمل جي سخت مذمت پڻ ڪئي آهي