ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ميونسپل ٽيڪس گڏ ڪرڻ واري معاهدي ۾ ڪراچي جا ڪينٽونمينٽ بورڊن وارا علائقا شامل ناهن پر شهر ۾ جڏهن به ڪا خرابي ٿيندي آھي ته انهي جي ذميواري رڳو ڪي ايم سي تي لاڳو ڪئي ويندي آھي، شهرين پاران واٽر بورڊ جا بل ادا نه ڪرڻ به افسوسناڪ عمل آهي، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ذريعي ميونسپل چارجز جي وصولي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت مرتضيٰ وهاب کي ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس وصولي واري معاهدي جي ڪاپي جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪندي حڪم نامي ۾ واڌ ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ميئر ڪراچي عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذارن کي ٽيڪس وصولي تي ڪو به اعتراض ناهي، انھن کي رڳو ڪي اليڪٽرڪ ذريعي اوڳاڙي تي اعتراض آهي، ان موقعي تي درخواست گذارن جي وڪيل ٻڌايو ته ميونسپل ٽيڪس جو الڳ کاتو آهي، رڳو اهي ئي ٽيڪس گڏ ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ الڳ ڪمپني آهي، جيڪا بجلي جي فراهمي ۾ مصروف آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته توهان جو چوڻ آھي ته ميونسپل ٽيڪس ٽئين ڌر ذريعي گڏ ڪري نٿو سگهجي؟ جنهن تي وڪيل چيو ته  جيڪڏهن نئين سيٽ اپ ۾ اسان ميونسپل ٽيڪس ادا نه ڪنداسين  ته اسان جي بجلي بند ڪئي ويندي، جسٽس صلاح الدين پنھور پڇاڻو ڪيو ته ڪي اليڪٽرڪ ذريعي ٽيڪس وصولي سان عام ماڻهو ڪيئن متاثر ٿي سگهي ٿو؟ جنهن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن عام ماڻهو ٽيڪس ادا نه ڪندو ته سندس بجلي بند ڪئي ويندي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي  3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضي وهاب چيو ته اهو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته ڪراچي جو ڪيترو حصو ڪي ايم سي هيٺ اچي ٿو؟