خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ گذريل ڏينهن بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ پراسرار نموني ٽن ٻارڙن جي فوتگي واري واقعي تي ڳوٺ ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل رهي ۽ فوتي ٻارڙن جي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو متل رهيو. فوتي ٻارڙن جي وارث عورتن ۽ مردن ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته معصوم ٻارڙن عارف، مهناز ۽ علي مدد شيخ کي تشدد ڪري سندن جسم جا عضوا ڀڃي بيدرديءَ سان قتل ڪرڻ بعد سندن لاش پيتي ۾ رکيا ويا آهن، هنن چيو ته معصوم ٻارڙن جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ پڻ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ٻارڙن تي تشدد ڪري کين قتل ڪرڻ بعد سندن لاش پيتي ۾ لڪايا ويا، هنن چيو ته اسان کي پاڙي جي ڪجهه ماڻهن تي شڪ آهي، جن کي جاچَ لاءِ پوليس پنهنجي حراست ۾ پڻ ورتو آهي، اسين چاهيون ٿا ته شفاف جاچَ ٿئي، ٻارڙن جي چاچيءَ صحافين کي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ برادري جي ماڻهن سان زمينن، گهرن ۽ عورتن جي معاملي تي تڪرار ٿيندا رهيا آهن، جنهن کانپوءِ فيصلن ۾ قرآن پاڪ کڻي ٺاهه ڪيا ويا، واقعي ۾ برادري جا پنهنجا ماڻهو ملوث آهن، واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.