دولتپور صفن (ن پ ا)دولتپور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار ماري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته لنڪ روڊ صفن ڏاهري تي گشت دوران ڏوهارين سان دوبدو مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو. پوليس موجب ڏوهاري جو لاش سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ڊاڪٽر پاران پوسٽ مارٽم بعد سرد خاني منتقل ڪيو ويو آهي.  ايس ايچ او دولتپور گلزار احمد مري ٻڌايو ته 3 جوابدار ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ھئا، پوليس کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته جوابدارن سان پوليس جو دوبدو مقابلو ٿي پيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جي سڃاڻپ بشير احمد عرف بشو مڱڻهار طور آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي 23 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، جن ۾ پوليس کي گهربل هو، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، جن جي ڳولا جاري آهي.