ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کي غيرقانوني اڏاوتن جي ذميواري جو تعين ڪرڻ لاءِ قانون واضح ڪرڻ جي هدايت، سال 2018ع ۾ غيرقانوني قرار ڏئي 6 هزار عمارتون ڊاهڻ بعد ٻيهر سوين غيرقانوني عمارتون تعمير ٿيڻ جو انڪشاف، مڪاني ادارن جي وزير پاران 6 سال اڳ ڊاهي پَٽ ڪيل 6 هزار عمارتن جي موجوده پوزيشن جاچڻ لاءِ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کان 48 ڪلاڪن اندر تفصيل رپورٽ طلب، آئنده غيرقانوني اڏاوتون ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي ذميوار قرار ڏئي مٿس ڪاروائي ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي غفلت سبب ڪراچي شهر اندر سوين غيرقانوني عمارتون اڏجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته شهر ۾ غيرقانوني طور تي تعمير ٿيندڙ عمارتن جي ذميوارن جو تعين ڪرڻ لاءِ قانون کي واضح ڪيو وڃي ساڳئي ريت سال 2018ع ۾ شهر ۾ ڊاهي پَٽ ڪيل 6 هزار غيرقانوني عمارتن جي هن وقت ڪهڙي پوزيشن آهي؟ انهي بابت به 48 ڪلاڪن اندر تفصيل رپورٽ پيش ڪئي وڃي. صوبائي وزير سعيد غني ڊي جي بلڊنگ ڪنٽڙول اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته جنهن به علائقي ۾ غيرقانوني عمارت تعمير ٿيندي، اتان   جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر کي ذميوار قرار ڏئي مٿس ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جا سمورا بلڊنگ انسپيڪٽر، سينيئر بلڊنگ انسپيڪٽر ۽ ايڊيشنل ڊائريڪٽر هر مهيني سرٽيفڪيٽ جاري ڪندا ته سندن علائقن ۾ ڪا به غيرقانوني اڏاوت نه پئي ٿئي.

بلڊنگ ڪنٽرول چيف جا سال ۾ 6 آرڊر ٿيڻ جو رڪارڊ قائم!

ڪراچي: سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي سربراهه جي عهدي تي رڳو هڪ سال ۾ 6 ڀيرا مقرري جا آرڊر جاري ٿيڻ جو رڪارڊ قائم! ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڊائريڪٽر جنرل جي عهدي تي 21هين گريڊ جي ٻن آفيسرن ياسين شر بلوچ ۽ اسحاق کهڙو وچ ۾ ڪُرسي حاصل ڪرڻ جو سڄو سال مقابلو رهيو پر سنڌ حڪومت ٻنهي آفيسرن کي پاسيرو ڪري تازو  عبدالرشيد سولنگي کي ڊي جي مقرر ڪري ڇڏيو ڄاڻ موجب هڪ سال دوران  ياسين شر بلوچ ۽ اسحاق کهڙو کي 2_2 ڀيرا عهدن تان هٽائي هڪ ٻئي جي جاءِ تي مقرر ڪيو ويو هو، اهڙِي طرح سال اندر لڳ ڀڳ 6 ڀيرا مقررين جا آرڊر جاري ڪيا ويا هئا.

 

”غيرقانوني عمارتن ۾ گھر خريد نه ڪيا وڃن“: مڪاني وزير پاران مهم هلائڻ جو حڪم

ڪراچي: ”غيرقانوني عمارتن ۾ گھر خريد نه ڪيا وڃن“، مڪاني ادارن واري کاتي پاران غيرقانوني عمارتن جي اڏاوت روڪڻ لاءِ ڪراچي ۾ مهم هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته شهرين ۾ غيرقانوني ٺهندڙ عمارتن ۾ گھر خريد نه ڪرڻ لاءِ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائي وڃي.