لکي غلام شاھ(رپورٽ:فهيم حيدر منگي )  لکي غلام شاھ ۾ نوجوان حمزه پٽ اسلم ميمڻ سان بدفعلي ڪري وڊيو ڀرڻ ۽ ٻن سالن تائين بيلڪ مل ڪري روڪ رقم ۽ ٻه موبائل وٺڻ واري معاملي جو مهر هائوس وزيرآباد ۾ پ پ ايم پي اي عارف مهر جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٿيو، جنهن ۾ يوسي منگراڻي جو چيئرمين مشتاق مھر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا

زيادتي جو شڪار نوجوان واري ڌر طرفان اسلم ميمڻ، اشرف ميمڻ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا ۽ الزام هيٺ آيل 5 ڄڻن آصف ميمڻ، توقير ميمڻ، حبدار ميمڻ، محسن ميمڻ، ۽ عادل حسين مهر جي ڌر طرفان ڀائرن ۽ مٽن مائٽن شرڪت ڪئي، فيصلي ۾ نوجوان سان بدفعلي ڪرڻ تي 5 ئي جوابدارن مٿان مجموعي طور 11 لک 40 هزار روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو

جنهن ۾ 10 لک بدفعلي 80 هزار روڪ رقم وٺڻ ۽ 60 هزار ٻه موبائل سيٺ وٺڻ جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو جڏهن ته بدفعلي ڪري وڊيو وائرل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت نه ٿيو، هوڏانهن الزام هيٺ آيل 5 ئي جوابدارن کي 3 مهينن تائين شهر ۾ اچڻ جي اجازت نه هوندي

مقرر ٿيل ڏنڊ جي رقم 3 مهينن تائين ادا ڪئي ويندي ڪيل فيصلي کي ٻنهي ڌرين قبول ڪندي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون