حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گورنر سنڌ محمد ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته ڪنهن به معاشري جي ترقي لاءِ جديد تعليم جي حاصلات تمام ضروري آهي ۽ اهو ئي سب آهي جو اسان سڀني نوجوانن کي گورنر هائوس ڪراچي ۾ آئي ٽي ڪورس شروع ڪرائڻ بعد هاڻي حيدرآباد ۾ پڻ پهرين مرحلي ۾ ٽيسٽ کانپوءِ 50 هزار شاگردن کي آءِ ٽي ڪورس ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ هڪ ويب سائٽ اڄ رات تائين لانچ ٿي ويندي. هن چيو ته 50 ڪروڙ جي لاڳت سان اهو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ هڪ رپيو به حڪومت جو نه هوندو بلڪه اسانکي ڊونرز  مهيا ٿي ويا آهن. ان کان علاوه آئي ٽي ايڪسپرٽس جي ٽيم به اسان وٽ موجود آهي جيڪا جذبي سان نوجوانن کي آئي ٽي ڪورس ڪرائي کين سندن پيرن تي بيهارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار گورنر سنڌ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ آئي ٽي پروگرام بابت ميٽ دي پريس کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر سنڌ ٻڌايو ته اڄ رات کان ان پروگرام جي ويب سائٽ جو آغاز ڪيو ويندو جنهن بعد آئي ٽي يونيورسٽي جو قيام عمل ۾ آڻيو ويندو جنهن لاءِ جگهه جو تعين ويجهڙائپ ۾ ڪيو ويندو. هن چيو ته آئي ٽي يونيورسٽي ۾ بنيادي ڪورس کان وٺي آرٽيفيشل انٽليجنس جو ڪورس پڻ ڪرايو ويندو. هن چيو ته ڪورس ڪرڻ بعد نوجوان لکين رپين تائين ڪمائڻ جي اهل ٿي سگهندا. گورنر سنڌ چيو ته ان پروگرام جو دائريڪار سنڌ جي وڌيڪ 6 ضلعن تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ملڪ  ۾ نوجوانن کان فقط نعره لڳرايا ويا آهن ۽ کين دوکو ڏنو ويو آهي جڏهن ته اسان نوجوانن جي مايوسي ۽ نا اميدي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا آهن جنهن جو ثبوت گورنر هائوس ڪراچي ۾ 50 هزار شاگردن کي آئي ٽي ڪورس ڪرائڻ آهي. ڪچي جي ڌاڙيلن بابت هڪ سوال تي هن چيو ته   مان ڪچي جي ڌاڙيلن سامهون آءِ ٽي جا ڌاڙيل آڻي رهيو آهيان، آءِ ٽي وارو ڌاڙيل ڪچي جي ڌاڙيل کي کائي ويندو.هن ڪچي جي ڌاڙيلن کي آڇ ڪئي ته اهي هٿيار ڇڏي گورنر هائوس ۾ اچي آءِ ٽي ڪورس ڪن، اهي پاڻ به اچن ۽ پنهنجي ٻارن کي به آڻين، مستقبل روشن بڻائين.سندس چوڻ هو ته روشن مستقبل لاءِ ٻارن کي ڪچي جو ماهر نه آءِ ٽي جو ماهر بڻايو.  غربت ڏوهن کي جنم ڏيندي آهي ۽ ڪچي جي ڌاڙيلن کي به گهرجي ته اهي پنهنجن ٻچن کي آئي ٽي جي تعليم ڏيارين ته جيئن اهي معاشي طور تي مستحڪم ٿين. هن چيو ته حيدرآباد هميشه محبت ڏني آهي ان لاءِ ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ آئي ٽي پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته آئي ٽي پروگرام جي تحت ٻن مهينن دوران ٽيسٽ جو سلسلو شروع ٿي ويندو ۽ مايوس نوجوانن لاءِ اهو پروگرام هڪ اميد جي ڪرن آهي جيڪا ملڪي معيشت لاءِ انتهائي اهم ثابت ٿيندي. ان موقعي تي گورنر انشيٽيوپروگرام جي ضياالله ، حيدرآباد جي قومي ۽ صوبائي اسميبلي جي چونڊيل ميمبرن ، آئي ٽي پروگرام جي ماهرن ، ڊائريڪٽر جنرل پبلڪ ريليشنز سنڌ سليم خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.