ڪشمور (رپورٽر ) ڪراچي جي واپاري ڌرمينڌر وڊيو بيان ۾ ڪشمور پوليس تي مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام لڳائيندي آءِ جي سنڌ کي لکيل خط ۾ ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، واپاري چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مٿس داخل ڪيس ختم نه ڪيو ويو ته هو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي ويندو. هوڏانهن واپاري ڌرمينڌر طرفان ڪشمور پوليس تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ واري لڳايل الزامن بعد ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي جاچ ٽيم جوڙي ڇڏي آهي، ڪشمور واسي واپاري وڪاش ڪمار پاران ڪراچي جي چئن واپارين ڌرمينڌر، انيل،شام لعل، اجيت ڪمار ۽ ڪشمور جي مقامي واپاري عبدالمجيد ملڪ سميت پنج ڄڻن مٿان 406.420 تحت فراڊ جو ڪيس داخل ڪرايو هو. وڪاش ڪمار پنهنجي موقف ۾ ٻڌايو ته ڪجهه وقت اڳ ڪشمور جي ھڪ بروڪر عبدالمجيد ملڪ معرفت ڪراچي جي واپارين شام لعل، ڌرمينڌر، اجيت ڪمار، ۽ انيل ڪمار کي 2 ڪروڙ 83 لک روپين جي ماليت جي چانورن جو ڏارو ۽ سارين جي ڪٽي وڪرو ڪئي جنهن بعد ڪراچي جي واپارين فراڊ ڪندي رقم ڦٻائي ورتي آهي ھينئر رقم ڏيڻ بدران هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ پوليس مٿان پريشر وجهڻ لاءِ داخل ڪرايل ايف آئي آر کي ڪوڙو قرار ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.  ڪشمور پوليس کان مطالبو ڪيان ٿو ته مون سان فراڊ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي وڃي ٻئي پاسي ايس ايس پي ڪشمور بشير بروهي ٻڌايو ته ڌرين ۾ ڏيتي ليتي معاملي ۽ پوليس مٿان لڳايل الزامن جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي اي ايس پي نعمان ظفر کي سربراهه مقرر ڪيو آهي جلد جاچ ڪري غلط ثابت ٿيندڙ ڌر خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ڪنھن به ڌر سان ناجائزي نه ٿيندي ڪشمور ٿاڻي تي فريادي ھندو نوجوان وڪاش ڪمار جي فرياد تي ڪيس داخل ٿيو آهي وڌيڪ ٻئي ڌريون جاچ ٽيم سان سھڪار ڪن ايس ايس پي ڪشمور ۽ فريادي وڪاش ڪمار جي موقف بعد ڪشمور پوليس خلاف آءِ جي سنڌ کي خط لکي شڪايت ڪندڙ واپاري ڌرمينڌر ڪمار سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن جو موقف سامھون نه اچي سگهيو آهي