ڪراچي/ بخشاپو ر (نمائندن وٽان)ڪراچي ۾ فائرنگ: بخشاپور واسي نوجوان ٽارگيٽ بڻائي  قتل، هڪ زخمي، ايس ايس پي اوڀر ڊاڪٽر فرخ رضا موجب گلستان جوهر  بلاڪ 12 ۾ بخشاپور واسي عمران ۽ راڻا بشارت ڦلواڻي ڊومڪي موٽر سائيڪل تي وڃي رهيا هئا ته نامعلوم جوابدارن مٿن فائرنگ ڪئي، گوليون لڳڻ سبب راڻا بشارت ڊومڪي دم ڏنو، جڏهن ته عمران زخمي ٿي پيو، ابتدائي معلومات موجب عمران ۽ راڻا ڊومڪي جي ڪشمور ۾ دشمني هلندڙ آهي، هي واقعو انهي دشمني جو نتيجو آهي، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهيم رات دير سان مقتول نوجوان جو مڙھه بخشاپور نيو ويو، ٻئي پاسي ظفر الله ڦلواڻي پنهنجن مخالفن بڊاڻي ڊومڪي ڌر مٿان الزام مڙھيندي چيو آهي ته اسان جي نوجوان کي بڊاڻي ڊومڪي ڌر جي ھٿياربندن ماريو آهي  ھوڏانھن بڊاڻي ڌر جي محمد پناھ بڊاڻي ڊومڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪراچي واقعي سان اسان جو واسطو ناهي، مارجي ويل نوجوان جي قتل ۾ اسين ملوث ناهيون، اسان مٿان لڳايل الزام ڪوڙو آهي.