ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)ٿرڪول بلاڪ 2 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران متاثر ٿيل ڳوٺاڻن لاءِ تعمير ڪيل ماڊل وليج پنج سال به ھلي نه سگھيو، 2018ع ۾ 45 لک رپيا في گھر جي لاڳت سان تعمير ڪيل 172 گھرن مان 80 سيڪڙو گھر زبون حال

رھواسي غير محفوظ بڻيل، ان ڏس ۾ ٿرڪول بلاڪ 2 ۾ ڪوئلي جي کوٽائي دوران ڳوٺ سنھري درس جي رھواسين کان گهر خالي ڪرائي کين متبادل طور رھائش ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪول مائيننگ پاران بلاڪ ٽو ۽ بلاڪ ون  وچ ۾ خالي پيل زمين تي ڳوٺ تعمير ڪرايو ويو ھو، انهي ڳوٺ کي ماڊل وليج جو نالو ڏئي ڳوٺاڻن کي 3 ڪمرن، ورانڊي، رڌڻي، باٿ روم تي ٻڌل  گهر،  اوطاق لاءِ چونئري، مال ٻڌڻ لاءِ گھر جي چوديواري ۾ مال جو واڙو ٺاھي ڏنو ويو ھو، ان وقت في گھر جي اڏاوت تي 45 لک رپيا خرچ ظاهر ڪيو ويو هو

انھن گھرن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ سبب هن وقت ڇتين ۾ پيل لوھه ڀري رھيو آھي، جڏهن ته ڀتين ۾ ڏار پئجي ويا آھن، مٿان وري گھرن جا مالڪاڻا حق پڻ اڃا تائين ناھن مليا، رھواسين موجب انھن گھرن جي تعمير وقت ڪمپني پاران ڪيل معاھدي مطابق ماڊل وليج ۾ پبلڪ پارڪ پڻ جوڙڻا ھئا، جيڪي نه ٺاھيا ويا

ڳوٺاڻن جي چوپائي مال لاءِ چراگاھن جو پڻ معاھدو ڪيو ويو ھو پر انهي لاءِ زمين نه ڏني وئي، جنهن سبب ڳوٺاڻا چوپايو مال چارڻ لاءِ پريشان آھن، پراڻن گھرن مان لڏ پلاڻ وقت ٿيل خرچ جي ادائگي جو پڻ لکت ۾ معاھدو ڪيو ويو ھو پر انھي تي به عمل ناھي ٿيو ـ