اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف بابت محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، ستن صفحن تي ٻڌل ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر سوڌو چئني ميمبرن جي صحين سان جاري ڪيل فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن واضع ڪندي چيو آھي ته  جيڪڏھن اسپيڪر ڪي پي ڪي اسيمبلي پشاور ھاءِ ڪورٽ جي ھدايتن تي عمل نٿو ڪري ته اليڪشن ڪميشن ڪي پي ڪي جي حد تائين سينيٽ اليڪشن ملتوي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندي . خيبرپختونخوا اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي حلف واري معاملي تي اليڪشن ڪميشن سينيٽ چونڊون ملتوي ڪرائڻ بابت درخواستن   تي لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آھي ته   ووٽ ڏيڻ ھر ڪنھن جو بنيادي حق آھي، ووٽ ڏيڻ جي حق کان ڪنھن ووٽر کي محروم نٿو ڪري سگھجي. اليڪشن ڪميشن کي واضع اختيار آھي ته ھو درخواستگذارن کان حلف وٺڻ متعلق انتظاميا کي ھدايتون جاري ڪري. اليڪشن ڪميشن، اليڪشن کي صاف، شفاف ۽ قانون مطابق منصفانه بڻائڻ جو حڪم ڏئي سگھي ٿو. اليڪشن ڪميشن جو آئيني فرض آھي ته ھو ووٽرز کي ووٽ ڏيڻ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ انتظام ڪري. اليڪشن ڪميشن آئيني ذميواري نڀائڻ ۾ ناڪام ٿي ويندو جيڪڏھن ووٽر کي ووٽ ڏيڻ جو برابر موقعو نه ڏنو ويو. اليڪشن ڪميشن ايڪٽ تحت سينيٽ چونڊون مڪمل ڪرڻ لاءِ تاريخ ۾ واڌ ڪري سگھي ٿو. اليڪشن ايڪٽ تحت صوبائي اسيمبلين ۾ مخصوص سيٽن تي حلف تائين ڪي پي ڪي جي حد تائين سينيٽ چونڊون ملتوي ڪري سگھي ٿو.