سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

0
382
سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب
سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ٿيل پڌرائي موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ مڪاني چونڊن بابت اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي وار سيڪريٽري به شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي نمائندن موقف اختيار ڪيو ته 2017ع جي آدمشماري تي خدشن سبب مڪاني چونڊون مقرر وقت ۾ ڪرائڻ ممڪن ناهن. آدشماري جي خدشن تي اپيل داخل ڪرائي آهي، اپيل تي فيصلي ٿيڻ تائين صوبي ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻ ممڪن ناهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر ريمارڪس ڏنا ته آدمشاري جي خدشن واري موقف مان اهو تاثر ملي ٿو ته سنڌ حڪومت مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ سنجيده ناهي،

جيڪڏهن پارليامينٽ انهي معاملي کي فوري طور حل نه ڪيو ته مڪاني چونڊون نه ٿي سگهنديون،.
پڌرائي موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر سنڌ ۾ مڪاني چونڊن بابت فيصلي لاءِ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي هلندڙ هفتي اجلاس طلب ڪرڻ جو حڪم ڏنو.