ٺارو شاهه ۾ بااثر وڏيري پرڻيل ناري کي مبينا اغوا ڪرائي پنهنجي نوڪر سان پرڻائي ڇڏيو

0
320
ٺارو شاهه ۾ بااثر وڏيري پرڻيل ناري
ٺارو شاهه ۾ بااثر وڏيري پرڻيل ناري کي مبينا اغوا ڪرائي پنهنجي نوڪر سان پرڻائي ڇڏيو

ٺارو شاهه ( ن پ ا ) بااثر وڏيري پرڻيل ناري کي مبينا طور اغوا ڪرائي پنهنجي نوڪر سان پرڻائي ڇڏيو، ڳوٺ ميوو خان چانڊيو جي رهواسين مظهر چانڊيو ۽ علي حسن چانڊيو الزام مڙهيو آهي ته ناري رينا جي اغوا خلاف عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائڻ تي بااثر روشن چانڊيو حملو ڪرائي 3 ڄڻن کي زخمي ڪرايو، هنن چيو ته ايس ايڇ او عبدالرسول ٻگھيو به بااثر جو ڌر بڻيل آهي، بااثر وڏيري روشن چانڊيو پاران ناري جي وارثن کي ڪيل ڪال جو رڪارڊ به سامهون آيو آهي، الزام هيٺ آيل وڏيري روشن چانڊيو جو چوڻ آهي ته ناري کي اغوا ڪرائي پرڻائڻ وارا الزام بي بنياد آهن ڇوڪري پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي.