پاڪستان کي آءِ ايم ايف طرفان 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر ملي ويا

0
219
آءِ ايم ايف جو پاڪستان

اسلام آباد: پاڪستان کي عالمي مالياتي فنڊ (IMF) کان 2 ارب 77 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن. آءِ ايم ايف پنهنجي بيان ۾ چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي جو ميمبر ملڪن 650 ارب ڊالر وصول ڪيا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن رقم جي منتقلي عالمي معيشت ۾ اعتماد ۽ استحڪام آڻيندي ۽ عالمي معيشت ٻيهر اڀري ايندي.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ميمبر ملڪن کي منتقل ڪيل رقم پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي وڌائڻ يا قرضن جي واپسي لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿي. اها رقم آئي ايم ايف پاران ميمبر ملڪن کي ڪورونا سان منهن ڏيڻ لاءِ جاري ڪئي وئي ، جنهن کي آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو بورڊ منظور ڪيو.