سنڌ جي مختلف شھرن ۾ تيز وسڪاري ٻوڏ متاثرن جا اھنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا

0
302
سنڌ جي مختلف شھرن

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٺٽو، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ بدين ضلعن جي مختلف علائقن ۾ تيز وسڪاري ٻوڏ متاثرن جا اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا، رستن ۽ بندن تي ويٺل ٻوڏ متاثرن جي پريشاني وڌي وئي آھي

  مٺي، جهڏو، ڪنري، نبي سر روڊ، راڄوخاناڻي، چوهڙ جمالي، پٿورو، نئون ڪوٽ، ڍورو نارو، گهارو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي

In Sindh, battered by rain and floodwaters, village after village has been submerged ThePipaNews | The PiPa News

ڏيپلي جَي ڳوٺ کونڊڙي ۾ برسات دوران وِڄ ڪرڻ سبب نوجوان امين ڀنڀرو فوت ٿي ويو، ڪُنري تعلقي ۾ برسات دوران مرچ منڊيءَ ۾ رکيل هزارين مڻ مرچن کي نقصان، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 14 سيپٽمبر تائين وقفي وقفي سان برسات جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آھي

ھي به پڙھندا

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباھي آئي آھي، عوام متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچي، عالمي برادري تي گھڻو ڀاڙڻ نه گھرجي: آرمي چيف

دادو جي ڊفينس لائن ٽُٽڻ بعد پاڻي جي تيز وھرڪن 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو