دادو جي ڊفينس لائن ٽُٽڻ بعد پاڻي جي تيز وھرڪن 30 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو

0
402

دادو (رپورٽر) جوهي – ڀان سيد آباد روڊ وٽ دادو کي ڏنل رنگ بند ٽٽڻ بعد پاڻي جا تيز وهڪرا 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻوڙڻ بعد ڦڪا واري علائقي ۾ داخل ٿي ويو آھي، ڦڪا ۽ خدا آباد مان رهواسين جِي لڏپلاڻ تيز، ٻڏي ويل ڪجهه ڳوٺن ۾ ڪيترائي ماڻهو ڦاٿل آھن، ريسڪيو آپريشن شروع نه ٿيو

رستن ۽ بندن تي ويٺل متاثر ڪٽنبن جي به ڪنهن سار نه لڌي، جوهي- ڀان لنڪ روڊ کي ڪٽ ڏيندڙن خلاف خدا آباد ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سيوهڻ سان واسطو رکندڙ هٿياربندن روڊ کي ڪٽ ڏنو ۽ گشت ڪندڙ اهلڪار پهتا ته مٿن حملو ڪري زخمي ڪيو ويو ۽ اهلڪارن کان هٿيار به ڦر ڪيا ويا

 دادو شهر کي بچائڻ لاءِ باءِ پاس وٽ رنگ بند ڏيڻ جو ڪم جاري آھي ڊي سي دادو طرفان ڊسٽرڪٽ جيل جَي 200 قيدين کي سينٽرل جيل منتقل ڪرڻ جِي هدايت، ٽلٽي ڀرسان ايل ايس بند کي 20 فٽن جو ڪٽ ڏيڻ بعد ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ لڳو آھي

منڇر ڍنڍ جَي پاڻي ڀان سيد آباد شهر جِي گرڊ اسٽيشن کي ٻوڙي ڇڏيو آھي، گرڊ اسٽيشن ۾ 5 فوٽ تائين پاڻي بيهجي وڃڻ سبب 8 فيڊرز بند، شهر کي بجلي جي فراهمي معطل، پاڪ فوج جي ٽيڪنيڪل ٽيم طرفان گرڊ اسٽيشن ۾ رکيل مشينري توڙي ٻيو سامان محفوظ ڪرڻ جو ڪم جاري

 شهري رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ جي ڪم ۾ رُڌل، منڇر جو پاڻي سيوهڻ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي قائم ٿيل خيما بستي ۾ ڪاهي پيو، سيوهڻ جِي ٻڏي ويل 10 يوسيز مان متاثرن جِي لڏپلاڻ جاري آھي

ھي به پڙھندا

سيوهڻ جي 10 يوسيز ۾ منڇر جي پاڻي جون تباهڪاريون

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباھي آئي آھي، عوام متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچي، عالمي برادري تي گھڻو ڀاڙڻ نه گھرجي: آرمي چيف