سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي تباھي آئي آھي، عوام متاثرن جي مدد لاءِ اڳتي اچي، عالمي برادري تي گھڻو ڀاڙڻ نه گھرجي: آرمي چيف

0
263

ڪراچي (نمائندن وٽان) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آھي تھ سڀ کان وڌيڪ تباهي منڇر ڍنڍ ۽ حمل ڍنڍ وارن حصن ۾ آئي آهي، ٻئي ڍنڍون تقريبن ملي چڪيون آهن، سنڌ جو عوام متاثرن جِي مدد لاءِ اڳتي اچي، عالمي برادري تي گهڻو ڀاڙڻ نه گهرجي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوادادو ۾ ٻوڏ متاثرن علائقن جَي دوري بعد ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، آرمي چيف چيو ته، موسمياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ٻين جَي ڪري اسان کي سزا ملي رهي آهي

آرمي چيف جو چوڻ ھو تھ دنيا کي متبادل توانائي ڏانهن وڌڻو پوندو، پاڪستان کي وڌيڪ ڊيم ٺاهڻا پوندا، ڊيمز سان بجلي پيدا ڪري سگهنداسين، گلوبل وارمنگ به گهٽ ٿيندي، آرمي چيف چيو ته ٻوڏ متاثرن جِي بحالي لاءِ 50 کان 100 گهرن تي ٻڌل ڳوٺ ٺاهڻ جو سوچيو آهي

پري فيب ڳوٺ ڪجهه ڏينهن ۾ ٺهي ويندو آهي، جڳهه ڳولي رهيا آهيون، سنڌ يا بلوچستان ۾ مٿانهين علائقي ۾ اُهي ڳوٺ ٺاهينداسين

ھي به پڙھندا

سيوهڻ جي 10 يوسيز ۾ منڇر جي پاڻي جون تباهڪاريون

جوهي – ڀان سيد آباد روڊ وٽ دادو کي ڏنل رنگ بند ٽٽي پيو