حڪومت چونڊون نه ڪرايون ته زوري ڪرائينداسين، حقيقي آزادي لاءِ جان به حاضر آهي: عمران خان

0
265

گجرانوالا (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت چونڊن جو اعلان نه ڪيو ته عوام زوري اليڪشن ڪرائيندو، قوم سجاڳ ٿي چڪي، منهنجو مقصد پورو ٿي ويو، جيل ننڍڙي شئي آهي، حقيقي آزادي لاءِ زندگي قربان ڪرڻ لاءِ به تيار آهيان، توهين عدالت ۾ هر فيصلو قبول هوندو

گجرانوالا ۾ عوامي جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هنن جي ڪوشش آهي ته عمران خان کي اناهل ڪيو وڃي ته جيئن نه کيڏي، هنن دهشتگردي سميت خبر ناهي ڪيترا ڪيس داخل ڪيا آهن، هي بني گالا ۾ مونکي پڪڙڻ آيا هئا، مون جيل لاءِ بيگ تيار ڪري ورتو هو، هي سمجهن پيا ته ماڻهو ڊڄي ويندا ۽ ٻاهر نه نڪرندا پر اڄ کان اڳ قوم ۾ اهڙو جذبو ۽ شعور ناهي ڏٺو، اڄ قوم سجاڳ ٿي چڪي آهي. هن چيو ته غلامي کان انڪار تي منهنجي حڪومت کي ختم ڪيو ويو، امپورٽڊ حڪومت تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هنن سمجهيو ته قوم مٺايون ورهائيندي پر اسانجي حڪومت ختم ٿيڻ تي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ايئن ماضي ۾ ڪڏهن ناهي ٿيو، ترقي ڪرڻي آهي ته خوف جون زنجيرون ٽوڙڻيون پونديون، جنهن قوم ۾ بيداري اچي وڃي، اها پنهنجي  حقيقي آزادي ڇني وٺندي آهياسلام آباد ۾ پاور شو جو فيصلو

عمران خان چيو ته آئون ڪنهن ملڪ کان ڊڪٽيشن وٺن لاءِ تيار نه هئس انڪري هٽايو ويو، ڀارت 40 سيڪڙو سستو تيل روس کان خريد ڪري رهيو آهي، روسي صدر کي چيو هو ته يوڪرين جنگ سان تيل جون قيمتون وڌي وينديون، روسي صدر کي اهو به چيو هو ته پاڪستان کي سستو تيل ۽ ڪڻڪ گهرجي، ان تي هو راضي ٿي ويو هو پر اسانجي حڪومت ختم ڪري چورن کي مڙهيو ويو ۽ آمريڪا جي خوف کان هنن روس کان سستو تيل ۽ ڪڻڪ نه ورتي، نائن اليون واقعي بعد پاڪستان آمريڪا جي جنگ وڙهندي 80 هزار جانيون ڏنيون. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسانجي دور ۾ بجلي 18 رپيا ۽ هاڻ 55 رپيا يونٽ آهي، ڪهڙي قيامت آئي جو ايتري مهانگائي ٿي وئي، ساڍا 3 سال هنن اسان خلاف رڳو مهانگائي تي شور ڪيو، موجوده حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون آسمان تي پهچائي ڇڏيون آهن، اسانجي دور ۾ اٽو 50 رپيا ڪلو هو، هاڻ 100 رپين تي پهچي ويو آهي، انهن لفافي وارن صحافين کان پڇان ٿو ته اڄ مهانگائي نظر ڇو  نٿي اچي

تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف چئي رهيو آهي ته پاڪستان جي معيشت تباهه ٿيندي پئي وڃي، جن ماڻهن سازش ڪري هنن کي مڙهيو، ڇا انهن کي پاڪستان جو فڪر ناهي، هي جيڪي مٿي ويٺا آهن، ڇا اهي سمجهن ٿا ته ملڪ کان ڌٻڻ مان ڪڍي سگهن ٿا، ملڪ کي هن ڌٻڻ مان رڳو سمنڊ پار پاڪستاني ڪڍي سگهن ٿا. هن چيو ته هڪ طرف مهانگائي آهي ۽ ٻئي پاسي ڪرائيم منسٽر دنيا مان پيسا پني رهيو آهي، شهبازشريف سان جيڪو به ٻاهرين ملڪ جو سربراهه ملندو ته ان کي خبر هوندي ته هن جا پيسا ٻاهر پيل آهن، ڇاڪاڻ ملڪي سربراهن کي ملاقات کان اڳ هڪٻئي جي پوري هسٽري ڏني ويندي آهي، آصف زرداري جي به اربين رپين جي ملڪيت ملڪ کان ٻاهر آهي

شهبازشريف ۽ نوازشريف جا اربين ڊالرز ٻاهر پيل آهن. شهبازشريف جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان گڏ ڪيل پريس ڪانفرنس واري وڊيو هلائيندي عمران خان چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي جو جائزو وٺڻ آيو، هي ان کان پيسا گهرڻ شروع ٿي ويا ۽ وزيراعظم شهبازشريف کيس چوي ٿو ته اوهان اسان کي جيڪي به پيسا ڏيندا  اهي ايمانداري سان خرچ ڪنداسين، 1600 ارب جي چوري معاف ڪرائيندڙ خاندان هتان پيسا چوري ڪري پيسا ٻاهر موڪلي ٿو ۽ ٻين ملڪن کان خيرات پني رهيا آهن، ايئن اسانجي ملڪ ۽ پاسپورٽ جي ڪير عزت ڪندو؟. هنن جا پيسا ٻاهرين ملڪن ۾ پيل آهن، انڪري هنن کي پرڏيهي آقا جيڪو حڪم  ڏيندا، اهو مڃيندا، اهو ئي سبب آهي ته ملڪ پنهنجي پيرن تي نٿو بيهي سگهي، پنڻ واري جي ڪير عزت ناهي ڪندو. تحريڪ انصاف چيئرمين جو چوڻ هو ته پيسي هٿان استعمال ٿيڻ کان بچو، پيسي کي استعمال ڪرڻ سکو، ٻي غلامي غربت آهي، غريبي انسان کي غلام بڻائي ڇڏيندي آهي، اسان پهريون ڀيرو سڄي ملڪ ۾ هڪ نصاب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ڇاڪاڻ اسان وٽ اميرن لاءِ هڪ ۽ غريبن لاءِ ٻيو تعليمي نظام آهي

عمران خان چيو ته هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ جيڪو فيصلو ڪندي قبول ڪندس، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ زبردست فيصلا ڪيا آهن، جسٽس اطهر من الله ڪافي زبردست فيصلا ڪيا، جن جي تعريف ڪئي آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ضمني چونڊون شيڊول کان 2 ڏينهن اڳ ملتوي ڪيون ويون، ڇاڪاڻ هي ڄاڻي چڪا هئا ته اڳ کان به وڌيڪ بري طرح هارائيندا، ان ڪري اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، هي شفاف اليڪشن نه ڪرائيندا ته عوام روڊن تي اچي ويندو، حڪومت چونڊن جو اعلان نه ڪيو ته عوام پرامن احتجاج ڪري زبردستي اليڪشن ڪرائيندو. عمران خان چيو ته سمورين ضلعي تنظيمن کي هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ڏانهن منهنجي سڏ لاءِ تيار رهو، عوام کي به متحرڪ ڪريو، نوجوان ۽ عورتون تياري ڪن. ان کان اڳ گجرانوالا بار ڪائونسل کي خطاب ڪندي عمران خان چيو  ته ملڪ تي وڏن ناليوارن ڦورن ۽ چورن جو قبضو آهي، جيستائين انهن کان آزادي حاصل نه ڪنداسين، مستقبل اونداهو آهي، عمران خان چيو ته پاڪستان جي حقيقي آزادي واري جدوجهد ۾ مونکي وڪيلن جي به ضرورت آهي، وڪيلن جي ذميواري آهي ته ملڪ ۾ قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائن، جيستائين حقيقي آزادي نه وٺنداسين ملڪي مستقبل اونداهي ۾ رهندو

ھي به پڙھندا

خواجا آصف خلاف ھرجاڻي جو ڪيس: عمران خان تي ڏنڊ لاڳو

مائنس وَن فارمولي تي ڪم ڪيو پيو وڃي: عمران خان