سنڌي سماج ۾ سياست مخالف مهم ۽ نوجوان!

0
244
سنڌ،-شاهراهون-۽-عبرتناڪ-سانحا

      سياست اهو علم آهي جيڪو سماج جي پيچيده مسئلن جي باري ۾ ٻڌائي ٿو، سماج جي تپاس ڪري ٿو، بيماريون سڃاڻي ٿو، ۽ انهي جو حل ڏئي ٿو. سياست جو علم ئي سماج جي اڏاوت ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو. سياست جي پراسيس مان ئي فرد، ادارا ۽ پوءِ سماج ٺهن ٿا. تڏهن ئي ته افلاطون چيو آهي ته سياست کان سواءِ فرد، قوم توڙي معاشرو مهذب ٿي ئي نٿو سگهي. تاريخ ۾ هر  قوم وٽ هڪڙا اهڙا ماڻهو رهيا آهن جن سماج جي رجعت پرست، فرسوده، بيڪار ۽ نقصانڪار قدر، ريتون، قاعدا ۽ بندشون ختم ڪري، اسٽيٽسڪو کي چيلينج ڪيو ٿي ۽ نئين اڳتي وڌيل ۽ ترقي يافته سماج اڏڻ ٿي چاهيو. ٻيا وري اُهي جن هر هنڌ تي مصلحت پسندي، جيئن جو تيئن جاري رهڻ، عالمي توڙي علائقائي اقتدار ڌڻين آقائن جي غلامي، انهن جي پوئيواري، انهن جي جوڙيل راءِ عامه کي هٿي ڏيڻ، انهن جي ئي پروپيگينڊا کي دنيا ۾ اڳتي وڌائڻ  ٿي چاهيو! انهن ٻنهي ڌُرين جي وچ ۾ جهيڙو صدين کان هلندڙ آهي. انهي جهيڙي جي تاريخ، ادب، مزاحمتن ۽ جنگن جا جڳ مشهور قصا اسان جي سنڌ ۾ پهتا. هتي جي انقلابين ترجما ڪري ڇپائي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ پهچايا. هتي به ظلم جي هڪ ڊگهي تاريخ جيڪا سينه به سينه ۽ پوءِ وري لکت ۾ ماڻهن تائين پهتي تڏهن شعور آيو. رت ٽهڪيو ۽ اڳتي هلي انهي شعوري سطح وڌڻ، عالمي تحريڪن  ۽ انقلابي اڳواڻن ۽ ٻين اتساهه جي سرچشمن مان سيراب ٿيڻ کانپوءِ هتي جي رهنمائن پڻ پنهنجون فڪري لائينون طئي ڪيون! هتي جي شخصيتن جا پنهنجا پنهنجا پاسا هئا، گُڻ هئا، گُر هئا، مهارتون هيون جن سماج مان مختلف فردن کي، ماڻهن جي گروهن کي، خاندانن کي سندن نظرياتي ڌارائن ۽ سياسي پارٽين ڏانهن مائل ڪيو. سماج ۾ هڪ مثبت مقابلي جنم ورتو. هتي جي اقتداري ڌُرين عالمي سامراج جي هٿ هيٺ مارشلائون مڙهيون. سياسي شخصيتن کي جيلن ۾ واڙيو، ڦٽڪا هنيائون، سزائون ڏنائون، ڪن کي شهيد ڪيائون ۽ مختلف ظلم جا پهاڙ ڪيرايائون. هتي جي سياسي سرگرمين هتي جي جرنيلن ۽ اقتدار ڌڻين جاگيردارن، سرمائيدارين ۽ چوڌرين کي رُڪ جا چڻا چٻايا. ڪيتريون ئي فتحون حاصل ڪيون. انهي سڄي حقيقي وارتا ۾ سنڌ جي نوجوانن جو اهم ڪردار رهيو. اينٽي ون يونٽ تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌ ۾ ڇپرايو تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم ۽ ٿل ڪئنال مخالف تحريڪ، ٻٽي نظام خلاف تحريڪ ۽ عدليه جي آزدي واري تحريڪ جهڙين ٻين ڪيترين ئي سياسي تحريڪن ۾ پنهنجي قيادت جي سربراهي ۾ نوجوانن ۽ شاگرد تنظيمن ملڪ جي مالڪن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريا. بدلي ۾ انهن نوجوانن کي غير سرگرم ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي رٿابندي ڪئي. انهي رٿابندي جي ڪڙي هڪڙي خطرناڪ مڪر سان ڀرپور سرگرم لابي تي پاڻ اڄ ٿورڙي روشني وجهنداسين!

سنڌ  جي هر شهر ۾، هر ننڍي وڏي اسٽاپ تي ڪي اهڙا اوهان کي ماڻهو ملندا جن جو ٿورو گهڻو ڪتابن سان واسطو هوندو. ڪن جو گهڻو به هوندو، ڪي وري ليکڪ به هوندا، ته ڪي وري ماڳهين وڏا ليکڪ هوندا جن تي وڏن وڏن ادارن، گادين ۽ سرمائيدارن جي انويسٽمينٽ ٿيل هوندي. انهن جا ڪتاب اهڙي طريقي سان جلدي جلدي ڇپرائي  ٽيڪنيڪلي مارڪيٽ مان جلدي ختم ڪرائي، وري جلدي ٻيا ڇاپا آڻائي صرف انهي راءِ جوڙڻ لاءِ ته اهي وڏا، گهڻا پڙهيا ويندڙ، گهڻا ڇپجندڙ ليکڪ آهن! پوءِ اُهي ماڻهو پنهنجي رابطيڪاري جي هُنرن، وڏيرن،جاگيردارن، سرمائيدارن جي هيٺانهين ڪرڻ واري ڪِرت، يا ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي سڻڀي سرڪاري يا غيرسرڪاري ملازمت جي دَٻدَٻي کي استعمال ڪندي غيرضروري پئسا ڪمائيندا آهن، پنهنجي جواني واري ماضي جي ساراهه ڪندي ڪندي  نون سرگرم نوجوانن تي پهرين اثر ويهاريندا آهن، پوءِ انهن تي، پنهنجي ڪرپشن ذريعي ڪمايل پئسي مان خرچ ڪندا آهن! بس پوءِ ويچارن بکن تي هلندڙ نوجوانن کي سُٺين اوطاقن ۾ ويهاري، چانهه پياريندا آهن، ڪڏهن ڪڏهن آئوٽنگ تي وٺي ويندا آهن، پيڪ شيڪ ڪندا آهن، مانيون کارائيندا آهن، واکاڻ جو هلڪو هلڪو ڊوز ڏيئي پهرين خراب ڪندا آهن! ڪي نوجوان ته وري پرائيويٽ مسئلن ۽ چڪرن ۾ گڏ گهمندا آهن!!! ظاهر آهي هي عمر  اهڙي آهي جنهن ۾ نوجوان جي فطرت ضابطي کان ڀڄندي آهي، پابندين کان پري رهڻ جون خواهشون اُڀرنديون آهن! انهي عمر ۾ ماڻهو جي جواني جا پور پيا پچندا آهن، پوءِ عشق جا چوٽ، سونهن جا جلوا، سردين جا پارا، وڏيرن جا گرم گرم کاڌا، هلڪي ڦلڪي دروازي کولڻ واري اک ٽيٽ اهي سڀ ڪم گڏجي جڏهن هڪ ڦوهه جواني تي ڪڙڪندا آهن ته پوءِ اتي هو نوجوان سٽ سهي سگهندو، پنهنجي نظرياتي لائين، سياسي سرگرمي جي ڍنگ کي بچائي سگهندو جنهن جي تربيت ۾ مطالعو، سختي هوندي، ضابطو هوندو، سياسي پختگي هوندي، پنهنجي منشور سان سچائي هوندي!  پوءِ جڏهن انهن مايوسي ڦهلائيندڙ مشين نما ماڻهن جو اثر ڄمي ويندو آهي تڏهن سياست خلاف ڊوز ڏيندا آهن ۽ سنڌ جي سياسي پارٽين کي مشڪوڪ بڻائيندا آهن. سياسي شخصيتن جي خلاف پيا دونهين دکائيندا آهن، نظرياتي ڪمزوريون نه هونديون ته پوءِ ذاتي زندگين جون ڳٺڙيون کوليندا آهن! ننڍا ننڍا اسٽيٽس پيا اڇلائيندا آهن. سوشل ميڊيا تي انهن ئي ٽارگيٽيد نوجوانن کي ٽيگ ڪندا آهن! درحقيقت هن سماج ۾ سياست مخالف قوتون هر عمر جي ماڻهو کي ٽارگيٽ ڪنديون آهن پر نوجوانن وٽ اهي وڌيڪ ڦٻندا آهن، انهي ڦٻڻ جا سبب مون مٿي بيان ڪيا آهن! هلندي هلندي سياسي تنظيمن خلاف زهر اوڳاڇيندا آهن! ڳالهه ٻولهه جو انداز ايڏو فنڪارانه هوندو آهي جو سامهون وارو نوجوان اهو محسوس ئي نه ڪري سگهندو ته مون تي ڪهڙي ڪاروائي پئي ٿئي!

 سنڌ جون وطن دوست، مظلوم دوست ۽ قوم دوست سياسي پارٽيون پنهنجي حال سارُو سالن جي محنت ڪري ڪنهن نوجوان کي تيار ڪن، انهن کي بنا ڪنهن لالچ جي صرف وطن ۽ قوم جي ماڻهن جي مستقبل لاءِ بکن تي جيلن، ٿاڻن، مظاهرن، ريلين، ڪيسن، ميٽينگن، نعرن، لٺين، گرم پاڻي جي ڦوهارن ۽ ٻين ڪيترين ئي مشڪلاتن کي منهن ڏين لاءِ اتساهين، مائل ڪن ۽ ميدان ۾ لاهين، تيستائين اهي منصوبي تحت ڏهاڪن کان سماج کي غيرسياسي بڻائيندڙ لابيون انهن نوجوانن کي فائيواسٽار هوٽلن جي بند  ٿڌن هالن ۾ سيمينارن، وڏن بنگلن تي رات جو خمار وارين رقص ڪچهرين، عالمي فنڊنگ تي هلندڙ اين جي اوز طرفان ٽريننگن، شهر کان ٻاهر هوٽلن تي کولين ڪچهرين، ٽاڙن، مشڪرين، عرياني وارين شاعرين، ساراهن ۽ لذيذ کاڌن تي ٽُٽي پوڻ وارين وڻندڙ ۽ ضابطي کان آجين سرگرمين ڏانهن ڇِڪي وڃن. جيڪو عمل سنئون سڌو وطن دشمني، قوم دشمني ۽ سياست دشمني جي ذمري ۾ اچي ٿو.

نتيجتاََ اسان جا ڪيترائي ڀلا نوجوان هاڻي انهن مايوسي ڦهلائيندڙ مَمَن جي وري چڙهي ويا آهن! هاڻي اهي پرائيويٽ گيڌرنگس جي نشي ۾ ڌُت آهن! اصل سماج کي اڏڻ جو ڪم جيڪو ڪرڻ کپي سو آهي سياست انهي کان ڪنٽار ڪري باقي هلن پيا گهمن پيا… سنڌي سماج جن مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي انهي جو حل فقط وطن دوست، عوام دوست ۽ قوم دوست سياست ۾ آهي. انهي سياست جي خلاف هر قسم جي سازش کي اچو ته پنهنجي ڪچهرين ۾، لکڻين ۾، تقريرن ۾ هر فورم تي ناڪام ڪيون ۽ قوم دوست، وطن دوست، مظلوم دوست سياست تان دز لاهي، سنڌ جي جهر جهنگ ۾ انهي جي پرچار ڪري موجوده گهڻ پاسائين مسئلن جي ڌٻڻ مان ٻاهر ڪڍون!