سريلنڪا ۾ مظاھرن دوران جھڙپن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا، استعيفيٰ ڏيندڙ وزيراعظم جي گھر کي باھ

0
321

ڪراچي: سريلنڪا ۾ وزيراعظم جي استعيفيٰ باوجود پرتشدد ڪارروائيون جاري، مڇريل مظاهرين وزيراعظم مهيندا راجا پاڪسَي جي خانداني گهرن کي باهيون ڏئي ڇڏيون

 رتوڇاڻ جي واقعن ۾ هيل تائين حڪمران جماعت جي پارلياماني ميمبر سميت 5 ڄڻا مارجي چڪا آهن، 190 ڄڻا زخمي ٿي پيا، صورتحال تي ضابطي لاءِ ملڪ ۾ لڳايل ڪرفيو ۾ سڀاڻي تائين واڌ ڪئي وئي آھي

 مظاهرين وزيراعظم جي ننڍي ڀاءُ ۽ صدر گوتابايا راجا پاڪسَي جي استعيفا جو به مطالبو ڪري ڇڏيو آھي، سريلنڪا جو مهينو اڳ پرڏيهي قرض ادا نه ڪرڻ سبب ڏيوالو نڪري ويو هو، ملڪ ۾ ريڪارڊ مهانگائي ۽ بجليءَ جي بحران سبب ماڻهو رستن تي نڪري آيا