اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر چيو آهي ته آئين ۾ صاف طور لکيل  آهي ته گورنر جي مقرري صدر وزيراعظم جي مشوري سان ڪندو، جيڪڏهن وزيراعظم صدر کي مشورو ڏئي ڇڏي ته ڪنهن گورنر کي هٽايو يا نئين گورنر کي مقرر ڪيو وڃي ته صدر آرٽيڪل 101 ۽ شق 1 ۽ 3 مطابق ان تي عمل ڪرڻ جو پابند آهي، لڳي ٿو ته صدر کي ڪنهن غلط مشورو ڏنو آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته صدر هميشه وزيراعظم جي ڳالهه مڃيندا رهيا آهن، اسان وٽ اهڙن ماڻهن کي صدر مقرر ڪيو ويندو آهي، جيڪي قانون ڄاڻيندا ئي ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل چيو ته  سپريم ڪورٽ نه وزيراعظم جي باس آهي ۽ نه وري صدر جي باس آهي ۽ نه وري آئين کان مٿانهين آهي، اسان هر معاملي ۾ سپريم ڪورٽ پهچي ويندا آهيون ۽ پوءِ عدليا تڪراري بڻجي ويندي آهي، آئون سمجهان ٿو ته گورنر جي معاملي کي حل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن صدر يا گورنر آئين تي عمل نه ڪندا ته وزيراعظم ته حلف کنيو آهي نه ته آئين تحت ڪم ڪندس، جيڪڏهن صدر ۽ گورنر آئين حڪم نٿا مڃن ته پوءِ کين رياستي مشينري تان به هٿ کڻڻ گهرجي. عرفان قادر چيو ته عدليا کان وڌيڪ پاور وزيراعظم وٽ آهي، وزيراعظم کي گهرجي ته ڪابينا سان گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙي ته جيئن صدر کي گهٽ ۾ گهٽ اهڙي قسم جون شيون نه ڪرڻ ڏنيون وڃن.