ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني انسٽيٽيوٽ وٽ ٿيل ڌماڪي  ۾ ٽن چينين جي مارجڻ وارو معاملو، ٽنهي جو ڪريا ڪرم ڪيو ويو، آخري رسمن ۾ وڏي وزير ۽ چيني قونصل جنرل سميت ٻين جي شرڪت، ڪراچي يونيورسٽي ۾ چيني انسٽيٽيوٽ وٽ ٿيل ڌماڪي ۾ مارجي ويل ٽنهي چينين جي لاش جي سڃاڻپ بعد اهي لاش سرد خاني مان گوليمار ۾ واقع شمشان گھاٽ منتقل ڪيا ويا، جتي ٽنهي جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون، ان دوران رينجرز ۽ پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪري سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا،  آخري رسمن ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، چيني قونصل جنرل ۽ قونصل خاني جا ٻيا عهديدار، وي سي ڪراچي يونيورسٽي، چيني انسٽيٽيوٽ جو پاڪستاني ڊائريڪٽر ۽ مارجي ويلن جا وارث شريڪ ٿيا، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل افتخار حسن چوڌري، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ به آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.