رپڙي (ن پ ا) برسات دوران مختلف فيڊرز جي بجلي بند ھجڻ سبب چورن به ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون. گذريل رات نامعلوم ڳوٺ ڦوڙي ناريجا ويجهو فيڊر ون  جي5 ٿنڀن تان 11 ھزار ولٽيج جون تارون ان وقت لاھي فرار ٿي ويا جڏهن بجلي بند هئي. صارفن اشفاق حسين لاشاري، عبدالمجيد اڄڻ، علي رضا اڄڻ ۽ ٻين بجليءَ جي  بندش خلاف احتجاج ڪندي چيو ته حيسڪو عملو ڏوھارين سان ٻٺ ٿي ڪارروايون ڪري رهيو آهي. تارن جي چوريءَ ۾ حيسڪو عملو ملوث آهي. ھنن حيسڪو چيف کان مطالبو ڪيو ته لکين رپين جي چوريءَ ۾ ملوث حيسڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري رپڙي فيڊر تي بجلي فوري طور بحال ڪئي وڃي.