ٽنڊو آدم (ن پ ا) شھيد بينظير آباد جي عدالت ٽنڊي آدم جي ٻن صحافين ۽ پاسبان  اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت 18 ڄڻن تي داخل ڪيل دهشتگردي جو ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽ موجب ٽنڊو آدم ۾ سماجي براين جي خلاف پاسبان ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي پاران پوليس خلاف ڪيل احتجاج تي سٽي پوليس ٻن صحافين ۽ پاسبان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت 18 ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو هو، جيڪو دهشتگردي ٽوڙ عدالت ختم ڪري 18 ئي ڄڻن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته 23 سيپٽمبر 2021 تي پوليس عبدالله بهڻ، غلام جيلاني، سلطان خاصخيلي، سليم چيما، راول هنڱورو، صديق چيما، حفيظ چيما، اسماعيل چيما، غلام قادر هنڱورو، رمضان انصاري سميت 18 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو هو، هوڏانهن باعزت ڀري ٿيڻ جي خوشي ۾ پاسبان  پاران ريلي ڪڍي وئي ۽ ڪارڪنن خوشي وچان جهمريون هنيون.