ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ايف آءِ اي کي گلشن اقبال ۾ 16 ايڪڙ زمين جي ليز بابت انڪوائري ۾ درخواستگذارن کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي لائن پرائيويٽ ليميٽڊ جي عملدارن کي ايف آءِ اي آڏو روبرو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي  ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو پڇيو ته سپريم ڪورٽ زمينن جي الاٽمينٽ بابت جاچ جو حڪم ڏنو آهي، سپريم ڪورٽ جي حڪم ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيئن مداخلت ڪري سگهي ٿي؟ ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان انڪوائري معطل ڪرڻ جي درخواست نه ڪري رهيا آهيون، ايف آءِ اي جو رويو ٺيڪ ناهي، گرفتاري جو خدشو آهي، آڊيٽر جنرل جي رپورٽ کان پهريان انڪوائري شروع نٿي ٿي سگهي،  جنهن تي عدالت چيو ته جڏهن ايف آءِ اي گرفتار نه پئي ڪري، اوهان جا قدم چور جي ڏاڙهي ۾ ڪک واري صورتحال ظاهر ڪن ٿا، ان موقعي تي عدالت ايف آءِ اي کي درخواستگذارن جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو جڏهن ته درخواستگذار کي انڪوائري لاءِ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.