رياست، سياست ۽ غير ملڪي امداد

0
273
رياست، سياست ۽ غير ملڪي امداد

 اڄڪلهه تحريڪ انصاف جي غير قانوني فارين فنڊنگ جو ذڪر زورن تي آهي. اچو ته قانوني ۽ غير قانوني غير ملڪي امداد جي تاريخ تي ھڪ سرسري نظر وجهون. ڪابه رياست جڏهن بين الاقوامي قانونن تحت ڪا غير ملڪي امداد حاصل ڪندي آهي ته ان جي نوعيت قانوني ھوندي آھي ۽ قانوني ذريعن سان ايندي آهي پر سياسي پارٽيون توڻي رياست ڪنهن خاص ايجنڊا تحت غير ملڪي امداد حاصل ڪنديون آهن ته ان امداد جا مقصد ۽ ذريعا  ڪجھه ظاهر ڪجھه مبھم رکيا ويندا آهن ۽ اھا غير قانوني فارين فنڊنگ سڏي ويندي آهي ۽ ان جي پردي پويان ملڪي ۽ غير ملڪي جاسوسي ادارن جو اھم ڪردار ھوندو آھي. پئسي خاص طور غير قانوني پئسي جي بين الاقوامي چرپر تي سڀ کان وڏي ۽ گھري نظر ملڪي ۽ بين الاقوامي سيڪيورٽي ادارن جي ھوندي آھي بلڪه اھا چرپر انهن ادارن جي سرپرستي ھيٺ ئي ٿيندي آهي.

 آزاد ملڪن ۾ پئسي جي غير قانوني چرپر ڏکي ھوندي آھي جڏھن ته غلام ملڪن جو ته ڪاروھنوار ئي قانوني ۽ غير قانوني غير ملڪي امداد تي منحصر ھوندو آھي. پاڪستان پنهنجي وجود کان وٺي اڄ تائين برطانوي آمريڪي بيٺڪيت Anglo American Colony رھيو آھي تنھنڪري ھتي جي رياست ۽ سياست جا سڀ ڇيڙا  واشنگٽن ايجنڊا ۽ لنڊن پلان تي اچي دنگ ڪندا آهن. گذريل ٻن ڏھاڪن کان جيئن ته دنيا ھڪ قطبي دنيا Mono Polar World کان گهڻ قطبي دنيا Multi Polar World طرف ارتقا ڪري رھي آھي ۽ ان ۾ چين طاقت جي ھڪ اھڙي مرڪز طور اڀريو آهي جنهن وٽ سڀ کان وڌيڪ سرپلس سرمايو آهي جڏهن ته آمريڪا جو اڄ به فوجي طرح سڄي دنيا تي غلبو ھجڻ باوجود ان جي اقتصادي پوزيشن ڪمزور ٿي رھي آھي. ان پس منظر ۾ توهان تحريڪ انصاف جي فارين فنڊنگ جي ذريعن تي نظر وجھندا ته توھان کي صاف نظر اچي ويندو ته ان جي پويان ڪھڙي ملڪي ۽ بين الاقوامي ايجنڊا ھئي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ رياست کانپوءِ سڀ کان وڏي سياسي فارين فنڊنگ جماعت اسلامي، جميعت علماءِ اسلام ۽ ڪميونسٽ مخالف ڌرين کي ٿيندي رھي آھي جيڪا به ملڪي ۽ غير ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي باھمي ڳٺ جوڙ ذريعي ٿيندي رهي آهي. جيئن ته ٻي عالمي جنگ کانپوءِ دنيا ٻن واضح بلاڪن ۾ ورھائجي وئي ھئي يعني سويت يونين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪميونسٽ بلاڪ ۽ آمريڪا جي اڳواڻيءَ ۾ سرمائيدار بلاڪ، تنهن ڪري فارين فنڊنگ جا به ٻه وڏا ذريعا انھن ملڪن جا سيڪيورٽي ادارا بڻيا يعني سويت روس جي ڪي جي بي KGB ۽ آمريڪا جي سي آءِ اي CIA. ڪي جي بي ڪميونسٽ ۽ آمريڪا مخالف پارٽين ۽ تحريڪن جي مددگار بڻي جڏهن ته سي آءِ اي ڪميونسٽ ۽ آزادي مخالف مذهبي ۽ سياسي پارٽين، تحريڪن  ۽ رياستن جي سرپرست اعليٰ بڻي. 1950ع جي ڏھاڪي ۾ پاڪستان  باضابطه طور سرمائيدار ملڪن جي فوجي اتحادن سيٽو ۽ سينٽو جو ميمبر بڻيو ۽ آمريڪا کي خفيه طور فوجي اڏا به ميسر ڪيا جن جو راز ان وقت ڦاٽو جڏهن 1962ع ۾ سويت روس بڊا بير(سرحد NWFP) مان اڏام ڪندڙ آمريڪي جاسوسي جھاز ڪيرائي وڌو. ٻه قطبي دنيا Bi Polar World ۾ فارين فنڊنگ جو سڀ کان وڏو ذريعو سي آئي اي رھي آھي جڏھن ته ان جو وڏو حصو اسرائيل ۽ پاڪستان سميت دنيا ڀر جي مذهبي سياسي تنظيمن کي ملندو رھيو آھي. پاڪستان جيئن ته بظاھر اسرائيل مخالف رياست آهي ته ان کي امداد آمريڪا، برطانيا ۽ سعودي عرب وغيره کان ملندي رهي آهي. جڏهن ته پاڪستان توڻي سعودي عرب جا ڀرجهلا به سدائين آمريڪا، برطانيا ۽ نيٽو جھڙا ملڪ ئي رھيا آھن جن جي مدد سان اسرائيل جو وجود قائم  دائم آهي يعني پاڪستان ۽ اسرائيل جي پويان ساڳي ئي  بين الاقوامي ايجنڊا ڪارفرما آهي. ان ڪميونسٽ مخالف بين الاقوامي ايجنڊا تحت 1980ع جي ڏھاڪي ۾ افغان جھاد دوران آمريڪا، برطانيا، اسرائيل، پاڪستان ۽ سعودي عرب جو ڳٺ جوڙ ھڪ کليل راز بڻجي چڪو هو. ان ڏھاڪي جي پڇاڙڪن سالن ۾ ئي بي نظير خلاف جڏهن بي اعتمادي جي رٿ پيش ٿي ته ان دوران ئي ملڪي ۽ غير ملڪي غير قانوني فنڊنگ جا پردا به فاش ٿيڻ لڳا ھئا. ان ئي زماني ۾ اسلامي جمهوري اتحاد کي ملڪي ادارن طرفان ۽ نواز شريف کي انهن سان گڏ اساما بن لادن کان به پئسا ملڻ جا قصا گردش ڪرڻ لڳا ھئا.

1970ع جي ڏهاڪي ۾ ٻڌندا ھياسون ته ڪميونسٽ پارٽي کي ڪي جي بي ۽ جماعت اسلامي کي سي آئي اي طرفان امداد ملي رھي آھي. ڪيترو سچ ڪيترو ڪوڙ، اھو ته اڄ انهن سان ماضيءَ ۾ وابسته رھيل دوست ئي ٻڌائي سگهن ٿا باقي اھو ان دور جو تسليم ٿيل سچ سمجهيو ويندو هو. آمريڪي ڊالر جي وڏي پئماني تي آمد جو ذڪر اسان 1977ع ۾  ڀٽو مخالف پي اين اي جي تحريڪ ۾ ٻڌو جنهن کي به مذهبي لباس پارائي نظام مصطفيٰ جي تحريڪ سڏيو ويو جيئن اڄ عمران خان ڪفر خلاف تحريڪ ھلائي رھيو آھي ۽ پنهنجي سياسي مخالفن کي مشرڪ، ڪافر ۽ غدار قرار ڏئي رھيو آھي تيئن مولانا فضل الرحمان جي والد مولانا مفتي محمود جي اڳواڻيءَ ۾ قائم 9 پارٽين 9 ستارن جي پاڪستان نيشنل الائنس طرفان ھلايل تحريڪ ۾ اھي ئي فتوائون ھنن ڀٽي خلاف جاري ڪيون ھيون. چون ٿا ته مڪافات عمل جي قانون کان ڪوئي به بچي نٿو سگهي!ان سڄي المياتي سلسلي جو سڀ کان ڪڙو سچ اھو آھي ته ڪالھه به  اھو ڪرشمو ڊالر جي مرھون منت ھو ۽ اڄ به ڊالر جو راڄ آهي. ڪالهه به فارين فنڊنگ ملڪي ۽ غير ملڪي سيڪيورٽي ادارن جي مدد بنا ناممڪن ھئي ۽ اڄ به ڪنهن کي امداد ملي ۽ ان جي خبر دنيا جي نمبر ون ايجنسي کي نه ملي، ڇا اھو ممڪن آهي؟ جيڪي دوست تحريڪ انصاف جي فارين فنڊنگ کي عمران يا پي ڊي ايم جي اک سان ڏسن ٿا انهن کي سمجهڻ کپي ته امداد وصول ڪندڙ مھرا ھوندا آھن جڏھن ته اصل ايجنڊا امداد ڏيندڙن ۽ انهن جي سھولتڪارن جي ھوندي آھي. توھان ياد ڪيو: 2008ع کان 2013ع تائين عمران خان يا تحريڪ انصاف جي ڪھڙي حيثيت ھئي جو ان کي آمريڪا، برطانيه، آسٽريليا، ڪئناڊا، سئزرلينڊ ۽ عرب امارات سميت بي شمار ملڪن جي فردن ۽ ڪمپنين کان ڪروڙين ڊالر امداد ملي ۽ ڇا اھا ملڪي ۽ غير ملڪي ادارن جي مدد ۽ سھولتڪاري بنا ملڻ ممڪن ھئي؟

ان حقيقت کان ته تحريڪ انصاف به انڪار نٿي ڪري ته کين اھا سموري امداد ملي آهي باقي جھڳڙو فقط ان تي آهي ته اھا قانوني آهي يا غير قانوني  سو اھو معاملو في الحال خودڪش بمبارن جي حوالي ڪري پاڻ ان تي ٿا غور ويچار ڪيون ته تحريڪ انصاف کي مليل ان غيبي مدد پويان ڪنهن جا ڪھڙا مفاد سمايل ھئا ۽ اھي گذريل اٺن سالن ۾ يعني2014ع کان 2022ع تائين ڪيتري حد تائين پورا ٿيا يا نه ٿيا جو ھاڻي ان جا پردا فاش ڪيا پيا وڃن.

فارين فنڊنگ جي اھا به تاريخ رھي آھي ته ملڪي سھولتڪارن سان “ڪم لٿو، ڪاغذ ڦاٽو” جو حشر ٿيندو رهيو آهي. 1960ع ۽ 1970ع جي ڏھاڪن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ملڪي ۽ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جي اک جو تارو  ھو ۽ ان جڏهن اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون ته سندس اکيون ڪڍي کيس عبرت جو مثال بڻايو ويو. 1980ع ۾ جنرل ضياءَ الحق جھادي ھيرو بڻيو ۽ سي آئي اي  جي تاريخ جي اسرائيل کانپوءِ سڀ کان وڏي فارين فنڊنگ پاڪستان کي ٿي ۽ اھا قانوني ۽ غير قانوني سڀني ذريعن سان ٿي. ھيروئن، ڪلاشنڪوف، ھر قسم جا ھٿيار، منشيات ۽ افغان پناهگير ان ئي دور جا فارين فنڊنگ جا شاھڪار آھن جيڪي اڄ سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي معاشري لاءِ ناسور بڻجي ويا آهن. ان ناسور جي سڀ کان وڏي سھولتڪار کي ان جي رفقا سميت ستلج دوز ڪيو ويو جنهن جو داستان سڀ کان سھڻي نموني محمد حنيف جي ڪتاب A Case of Exploding Mangoes ۾ بيان ڪيو ويو آهي. 1980ع جي ڏھاڪي ۾ ئي سھولتڪارن جو سھولتڪار الطاف حسين به بڻيو جنهن ڪراچي جي اقتصادي ترقيءَ جو ڦيٿو روڪي لاھور سميت سينٽرل پنجاب کي صنعتي ترقيءَ جو مرڪز بڻائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ۽ اڄ ان ئي پنجاب ان کي ڪٿي آڻي بيهاريو آهي اھو سڀني جي اکين آڏو آهي.

ان ئي ڏھاڪي ۾ نواز شريف به بليو اسٽار بواءِ بڻيو جنهن به جڏهن نوي جي ڏھاڪي ۾ امير المومنين بڻجي حقيقي حڪمران بڻجڻ چاھيو ته ان کي ھائيجيڪر بڻائي جيل ۽ جلاوطني جو مزو چکايو ويو، جنهن وري جلاوطني دوران  سعودي ۽ برطانوي سلطنتن سان پنهنجا ناتا مضبوط ڪري ورتا آهن. بي نظير سان  مڪمل اعتماد جو رشتو ته ملڪي توڻي بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ جو ڪڏهن ڪونه جڙيو حالانڪه 1988ع کان وٺي بينظير ان لاءِ وڏا وس ڪيا پر انهن پنهنجون اميدون آصف زرداري سان وابسته ڪيون جنهن ڪري بينظير کي مکڻ مان وار جيان ڪڍي اقتدار جي مسند تي آصف زرداري کي براجمان ڪيو ويو. اوھان ڪجھه دير لاءِ واپس 2008 ع جي دور ۾ وڃو جڏهن کان تحريڪ انصاف کي فارين فنڊنگ شروع ٿي آهي ته توهان کي ان جي پويان ملڪي ۽ بين الاقوامي ايجنڊا ۽ مفادن جا سرا ملڻ شروع ٿي ويندا. 2008ع ۾ پنڊي ۽ پينٽاگان ۾ 10 سالن تائين اقتدار جي ورڇ جو معاھدو طئي ٿيو جنهن تحت پھريان پنج سال زرداري کي مرڪز ۽ رورل سنڌ ملي، الطاف حسين کي اربن سنڌ ملي ۽ نواز ليگ کي پنجاب مليو ۽ ٻين پنجن سالن ۾ نواز ليگ کي مرڪز ۽ پنجاب ۽ زرداري ۽ الطاف کي سنڌ ملي. پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ان ڏھه سالن جي معاھدي کي زھر جي ڪوڙي گوريءَ طور قبول ڪيو ھو ۽ ان وقت کان ئي نواز زرداري الطاف محور مان مستقبل ۾ جان آجي ڪرائڻ لاءِ انهن ٽنهي جي  حب الوطني تي شڪ اڀارڻ، کين سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏيڻ لاءِ ماحول جوڙڻ شروع ڪيو ۽ عمران خان تي سيڙپڪاري شروع ڪئي. 1910ع کان جڏهن چين صدر زي جن پنگ جي اڳواڻيءَ ۾ بين الاقوامي توسيع جو منصوبو One Belt One Road پيش ڪيو ته آمريڪا ۽ اولهه جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ انهن نئين سياسي صف بندي شروع ڪئي.

چين جڏهن پاڪستان آڏو  46 ارب ڊالرن جو سي پئڪ منصوبو رکيو ته ھتي سڀني جي واڇ گودو ٿي وئي. ايڏي وڏي فارين فنڊنگ تي ته سڀني جا وات پاڻي پاڻي ٿي ويا ۽ چين جي دوستي “ھماليه کان اونچي ۽ ھندي سمنڊ کان گھري” نظر اچڻ لڳي. ان سڄي پسمنظر ۾ پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ آصف زرداري ھڪ ڳجهي ۽ ٻنهي پاسن کان کيڏڻ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. جڏهن ته چيني توسيع جو سڀ کان پهريون سياسي نشانو ايم ڪيو ايم جي سياست بڻي جو چين ڪراچيءَ سميت سڄي سنڌ ۾ سيڙپڪاريءَ لاءِ سازگار ماحول پئدا ڪرڻ خاطر ڪراچي ۽ حيدرآباد مان دھشتگردي ۽باقي سنڌ مان ڌاڙيل راڄ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جيڪو نواز شريف ۽ راحيل شريف2017ع ۾ خوشيءَ سان پورو ڪيو جو اھو منصوبو چين پنجاب محور لاءِ قابل قبول ھو.

عمران پروجيڪٽ جي لانچ ٿيڻ کانپوءِ سڀ کان پهرين ننڌڻڪائي جو احساس الطاف حسين کي ٿيو جو ملڪي اسٽيبلشمينٽ ان کي اندروني طور  الطاف ۽ نواز آڏو بند ٻڌڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ بين الاقوامي اسٽيبلشمينٽ سان گڏجي آمريڪي برطانوي مفادن جي گڏيل رکوالي لاءِ به استعمال ڪيو. توهان ڏسو عمران خان ڪڏهن به پيپلزپارٽي جي پارلياماني مورچي کي سنجيدگي سان چئلينج نه ڪيو  آهي، بلڪه جيڪي به پيپلزپارٽي مخالف سياستدان تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيا آهن يا سندن اتحادي بڻيا آهن اھي سدائين ويڳاڻا لڳندا آهن. تحريڪ انصاف پيپلزپارٽي خلاف رڳو زباني جمع خرچ ڪيو آهي جڏهن ته ايم ڪيو ايم ۽ نواز ليگ جي ڳڙهن ۾ گھرا کڏا کوٽيا آهن. 2008ع کان 2013ع تائين جنھن فارين فنڊنگ تان اڄ پردو کنيو ويو آهي اھا ڏسو ته ڪھڙي ڪم آئي. فوري طور تي اھا 1914ع ۾ 123 ڏينهن جي ڌرڻي ۾ نواز ليگ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ چيني صدر زي جن پنگ جي دوري کي سال پوئتي ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي جو اھا سڄي فنڊنگ ٿي ئي اولهه جي ملڪن کان آھي. ڳالھه ته صاف ظاهر پئي آهي. بس کليل ۽ آزاد ذھن  سان پاڻ سوچيو باقي عمراني غلام ذھنيت سان سوچيندا ته توهان کي “کودا پهاڙ نڪلا چوها” کان اڳيان في الحال ڪجھه نظر نه ايندو پر نه وسارجو ته مڪافات عمل جي قانون کان ڪوئي نٿو بچي سگهي، نه مولانا فضل الرحمان نه عمران خان، نه نواز ۽ مريم نواز ۽ نه زرداري ۽ بلاول. ۽ نه ملڪي ۽ غير ملڪي ادارا ۽ انهن جا ميڊيائي، عدالتي، رياستي ۽ غير رياستي سھولتڪار. واري واري سان وارو سڀني جو اچي رھيو آھي.

It’s age of crime and punishment.

ھي جرم ۽ سزا جو دور آهي. اھو دور گذري ويو جڏهن اوهان کي سڀ ڏوھه ڦٻي ويندا هئا. ايئن سمجهو ته ڪوڙ جو ڪاروبار ڪندڙن لاءِ ھي ڏينهن قيامت جا ڏينهن آهن. سچ جي سوداگرن لاءِ ته بس ايئن آهي ته “وڙهن چور ڀلو ٿئي ڀاڳين جو.”