پرڏيهي سيڙپڪاري سان تيار ڪيل جماعت ۽ ان جا منصوبا

0
180
پرڏيهي سيڙپڪاري سان تيار ڪيل جماعت ۽ ان جا منصوبا

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان آخرڪار جوابدار جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سندس ڪپتان عمران خان  جي رازن ۽ ڪارستانين تان پردو کنيو ويو آهي. هن جماعت جي غير قانوني پرڏيهي سيڙپڪاري واري گذريل 8 سالن کان دٻيل ڪيس جي پيرائتي ۽ تفصيلي نموني ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ بعد رانديگرن واري هن خاص جماعت ۽ انهي جي مالڪن ۽ ليڊرن جي منهن تي پيل ايمانداري وارو پردو لاهي ڦٽو ڪيو ويو آهي.يقينن، هن ولائتي جماعت تي پيل ڍڪ ۽ پردي هيٺان جيڪا جوابدارن جي بدصورتي ۽ بدنامي ظاهر ٿي سامهون آئي آهي اها اسان جي ملڪ ۽ دنيا لاءِ پڻ يقينن عبرتناڪ ۽ ڇرڪائيندڙ صورتحال پيش ڪري رهي آهي. اهڙي ريت، ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي اخبار فنانشل ٽائمز ۾ پڻ هڪ تمام وڏي خبر شائع ٿي آهي جنهن ۾ ڪراچي جي بجلي جي انتظام ڪار ڪمپني،”ڪي اليڪٽرڪ“ جي دبئي جي هڪ سيڙپڪار گروپ جي سربراهه عارف نقوي خلاف ڪيس برطانيا ۽ آمريڪا جي عدالتن ۾ هلي رهيا آهن، انهن ڪيسن جو مک جوابدار عارف نقوي برطانيا ۾ سالن کان نظربند آهي ۽ اهو جوابدار ۽ سندس ٻيا ساٿاري آمريڪا جي عدالتن کي پڻ گهربل آهن.

چيف اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا ۽ اليڪشن ڪميشن  ۾” پي ٽي آءِ غير قانوني پرڏيهي  فنڊنگ ڪيس“2014 ع کان هلندڙ هو ۽  اڳوڻي وزير اعظم عمران ۽ سندس چئن سالن واري حڪومت جي سموري دور ۾ هن ڪيس کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي رهي ۽ ڪيس جون شنوايون وڌائڻ ۽ اينگهائڻ واريون ڪارروائيون لڳاتار ڪيون وينديون رهيون. اڳوڻي وزير اعظم عمران خان 2018ع ۾جادوگرن جي مدد سان چونڊن ۾ سرسي حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي آفيس مان جيڪا پهرين پريس ڪانفرنس ڪئي انهي ۾ هن پاڻ کي فرشتو ۽ ايماندار ۽ جهڙي ريت انصاف پسند ڪري پيش ڪيو ۽ پنهنجي انهي پهرين خطاب ۾ هن احتساب ۽ انصاف سڀ کان پهرين پنهنجي گهر کان شروع ڪرڻ ۽ پنهنجو پاڻ، ڪابينا جي ميمبرن کي ڪنهن به جوابدهي ۽ الزام تي پيش ڪرڻ جو جيڪو وڏي واڪي اعلان ڪيو، اهو خطاب اڄ به قوم کي ياد آهي ۽ ميڊيا جي رڪارڊ جو حصو آهي . پر اڳتي هلي عمران خان نه صرف پنهنجي انهي اعلان ۽ واعدي تان ڦري ويو ۽ سندس لڳ ڀڳ سموري ڪابينا ۽ اسيمبلي ميمبرن کي مال و زر ۽ ڦرمار جي وارداتن ۾ سنئون سڌو ملوث ڏٺو ويو، ايتري حد تائين جو اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان جنهن جو ڪوبه ڪاروبار نه هو اها پڻ ارب پتي بنجي وئي ۽ آمريڪا ۾ ڪيترين ئي جائيدادن جي مالڪ هئڻ جي ثابتين ڪري جوابدار ثابت ٿي پر سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار طرفان ڏنل فيصلي تحت صرف 2 ڪروڙ رپيا ٽيڪس جمع ڪرائڻ بعد هو، خاص اجازت ملڻ تي ملڪ مان نڪري آمريڪا پهچي وئي. اها ئي ساڳي صورتحال  ڪپتان عمران خان واري معاملي ۾ پڻ سامهون آئي جنهن ۾ اربين رپين جي  هيرا ڦيري جا ڪيس  سامهون اچي چڪا آهن. جڏهن ته ٻاهرين ملڪن کان اربين رپين جا غير قانوني فنڊ حاصل ڪري تحريڪ انصاف کي پرڏيهي فنڊنگ تحت قائم ٿيندڙ ولائتي جماعت طور قائم ڪيو ويو ۽ خاص ڌرين طرفان مچائي رڇ ۽ هاٿي بڻايو ويو.

اليڪشن ڪميشن طرفان آخرڪار ملڪ ۾ انصاف ۽ سچائي جي دعويدارن عمران خان ۽ سندس جماعت تحريڪ انصاف ۾ ٿيل پرڏيهي سيڙپڪاري، لاقانونيت ۽ ناانصافين واري  ڪيس جو 8 سالن بعد 21 جون 2022ع تي جيڪو فيصلو محفوظ ڪيوويو، اهو سوا مهيني بعد ٻڌايو ويو. ڪيس ۽ سامهون آيل فيصلي  جي تفصيلن سان يقينن تمام ڇرڪائيندڙ صورتحال سامهون آئي آهي. فيصلي ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان طرفان پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر تحت پارٽي جي فنڊن بابت هن اليڪشن ڪميشن ۾ پنهنجي صحيحن سان جيڪو قسم نامو جمع ڪرايو ويو هو اهو ڪوڙو ثابت ٿي ويو. عمران خان ۽ پي ٽي آءِ طرفان دنيا جي 34 ملڪن مان  ڪروڙين رپين جون غير قانوني رقمون ۽ عطيا حاصل ڪيا ويا، جنهن ۾ آمريڪا، آسٽريليا، گڏيل عرب امارتون ۽ ٻيا ملڪ شامل آهن. پي ٽي آءِ ۽ عمران خان بابت وڌيڪ ڏوهن جي شاهدين موجب، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي رپورٽ ۾ لکت ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي مينجمينٽ طرفان 13 نامعلوم بئنڪ اڪائونٽ پڻ سامهون آندا ويا ۽ اڳتي هلي عمران خان ۽ سندس جماعت جي عهديدارن جي صحيحن سان کوليل وڌيڪ اهڙا ٻيا ٽي بئنڪ اڪائونٽ پڻ ظاهر ٿيا آهن جنهن ۾ ڪروڙين رپيا جمع ٿيا ۽ خرچ  پڻ ڪيا ويا پر اليڪشن ڪميشن کي انهن سمورن 16 اڪائونٽن بابت  عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي قيادت طرفان لکت ۾ آگاهه نه ڪيو ويو. پرڏيهي غير قانوني فنڊنگ بابت فيصلو ٻڌائڻ بعد اليڪشن ڪميشن طرفان جوابدار جماعت ۽ انهي جي قيادت کي سبب ڄاڻايو نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو آهي ۽ اهو فيصلو ضابطي جي ڪارروائي لاءِ حڪومت کي پڻ موڪليو ويو آهي .

ڪپتان عمران خان ۽ سندس جماعت پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف اليڪشن ڪميشن جي فيصلي جا ڪهڙا اثر ٿيندا ۽ آمريڪا ۽ برطانيا ۾ هلندڙ ڪيسن جا نتيجا ڇا ٿيندا اهي نتيجا ظاهر آهن ته ملڪ ۽ عالمي قانونن تحت ئي ٿيندا. پر عالمي مافيا طرفان جهڙي ريت، سياسي جماعت تيار ڪري اسان جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ واري واردات ڪئي وئي انهي يقينن پنهنجي نوعيت جي هڪ خوفناڪ صورتحال اڀاري سامهون آندي آهي. ايئن معلوم ٿي رهيو آهي ته، ملڪ جو اقتدار اعليٰ ۽ اختيارن جو مالڪ ٿيڻ بعد ملڪ ۽ صوبن جي معدنيات، زرخيز زميون ، بندرگاهون، سمنڊ ، جزيرا ۽ معدني خزانن سان مال مال ملڪ جي سموري زمين  هٿ ڪرڻ لاءِ تمام وڏي هوشياري،  چالاڪي ۽ ڊالرن جي وڏي تعداد ۾استعمال ۽ قارون جا خزانا به لڳائي پنهنجا سمورا منصوبا مڪمل ڪرڻ جون  ڪارروائيون ۽ وارداتون  ملڪ جي ادارن طرفان پڻ  پڪڙجي پيون آهن،  انهن ڪيسن ۾ عمران خان ۽ سموري جوابدار ڌر  ۽ جماعت تمام گهڻي پريشاني جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ ڪپتان خان پنهنجي چئوڦير گهيرو تنگ ٿيڻ تي تمام گهڻو مڇريل آهي ۽ ايئن معلوم ٿي رهيو آهي ته ڪپتان عمران خان ۽ سندس جماعت ڪنهن عالمي سيڙپڪار گروپ جي ملڪ ۾ قائم ڪيل ڪمپني طور قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ عالمي سيڙپڪارن کان علاوه جوابدار عارف نقوي ۽ ٻيا ڪيترا ئي انهي سيڙپڪار گروپ جا حصيدار ۽ ڀائيوار آهن. تازو اسلام آباد جي هڪ هوٽل ۾ هڪ تقريب ۾ عمران خان جو  صحافين سان ٽڪراءَ ٿي ويو پر هو صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان لنوائيندو رهيو. صحافين جي سوال ته”ڇا عارف نقوي اوهان جو ڪاروباري پارٽنر يا ڀائيوار آهي“  ته هن نه صرف جواب ڏيڻ کان  انڪار ڪيو پر صحافين کي پٺتي ڌڪي روانو ٿي ويو. ملڪ کي سياسي ۽ معاشي بحرانن  جو شڪار ڪندڙ رانديگرن واري اڳوڻي سرڪار کي سوگهو ته ضرور ڪيو ويو آهي پر  ڏسجي ته اسان جي ملڪ جون عدالتون ڪهڙي ريت، انصاف  ڪري سگهن ٿيون  ۽ جوابدارن کي ڪهڙيون سزائون ٿيون ملن انهي وقت ۽ عدل و انصاف جو اسان کي ضرور انتظار آهي.