ڊالر ۾ لاٿ،سياسي استحڪام جي نشاني آهي؟

0
168
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ ۾ جيئن سياسي استحڪام پيدا ٿيڻ جا رڳو آثار نظر اچڻ شروع ٿيا آهن ته معيشت به مستحڪم ٿيڻ جو امڪان شروع ٿي آهي ته رپيو به ڊالر جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿيڻ شروع ٿيو آهي. اهو ممڪن ئي ناهي ته ملڪ ۾ سياسي افراتفري هجي، ادارا ٻڏتر جو شڪار ٿي پنهنجو ڪم نه ڪري سگهن ۽ معيشت وري بهتري طرف وڃي. اهي سڀ شيون هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن جن جو هڪٻئي تي اثر پوڻ اڻٽر آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن ملڪي معيشت کي بهتري طرف وٺي وڃڻو آهي ته سياسي نظام کي مستحڪم ڪرڻو پوندو،ادارن کي آزادي سان فيصلا ڪرڻ جو اختيار ڏيڻو پوندو،ڀلي اهي فيصلا ڪنهن جي سياسي مقصدن کي نقصان پهچائن، ڪنهن کي فائدو ڏين پر انهن کي مڃڻو پوندو، ها انهن کي جيڪڏهن ڪير چئلينج ڪرڻ چاهي ٿو  ته ان لاءِ به عدالتون موجود آهن. اهو ٿي نه ٿو سگهي هڪ طرف اوهان ملڪي مفادن جو نعرو هڻو ۽ وري ملڪ کي سياسي افراتفري ڏانهن ڌڪيو جنهن سان معيشت خراب ٿئي ۽ عوام ئي ان جو شڪار ٿئي. تنهن ڪري سڀني سياسي ڌرين کي اهو خيال ڪرڻو پوندو ته اهي پنهنجون پنهنجون سياسي ايجنڊائون ڀلي کڻي هلن پر ملڪ ۾سياسي افراتفري ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ کان پاسو ڪن جنهن سان معيشت عدم استحڪام جو شڪار ٿئي.

ملڪي ويجهي تاريخ ۾ شايد اهو پهريون  دفعو ٿيو آهي جو هڪ ئي ڏينهن ۾ ڊالر رپئي جي ڀيٽ ۾ يارنهن رپيا سستو ٿيو آهي.ڪجهه تجزئي نگار انهي ڊالر  جي ڪرڻ کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان  ڏسي رهيا آهن، جنهن مان اهو اشارو ملي ٿو ته ملڪ سياسي استحڪام جي پاسي وڃي رهيو آهي.  ڇاڪاڻ ته جڏهن ادارا ڪنهن کي خوش ڪرڻ يا ڪنهن جي خلاف فيصلو ڏيڻ بدران  آئين ۽ قانون  موجب فيصلا ڪن ٿا ته مارڪيٽ جو نظام تي اعتماد بحال ٿئي ٿو، جنهن جو اثر رپئي جي مستحڪم ٿيندڙ اگهه سان لڳائي سگهجي ٿو،اهڙو ئي اثر اليڪشن  ڪميشن  جي فيصلي سان ٿيو آهي.ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي سان اسٽاڪ ايڪسچينج به ڇال ڏنو آهي جنهن سان وري سيڙپ ڪندڙن  جو اعتماد  وڌيو آهي مطلب ته هر پاسي کان  مثبت خبرون اچي رهيون آهن، اصل مسئلو اهو آهي ته اهي خبرون رڳو هڪ ٻن ڏينهن جو کيل ۽ عارضي نه هجن ته جيڪا معيشت هن وقت خراب  حالت ۾ آهي اها جلد پنهنجي پيرن تي بيهڻ شروع ڪندي ۽ عوام کي ان جا فائدا پهچڻ شروع ٿيندا، جيڪڏهن  نه ٿا پهچن ته ان جو بندوبست وري حڪومت کي ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي فائدا عوام تائين  به منتقل ٿين. اڃا ته آگسٽ جي شايد آخري هفتن ۾ آءِ ايم ايف جي قسط به اچي وڃي جنهن  جا اشارا ملڻ شروع ٿي ويا آهن جو حڪومت به چئي ٿي ته آءِ ايم ايف جو آخري شرط به پورو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ قسط جاري نه ڪرڻ جو ڪو به سبب نظر نه ٿو اچي. جيڪڏهن ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپيو مستحڪم ٿيندو رهيو،آءِ ايم ايف جي قسط به جاري ٿي  وئي ،ملڪ سياسي استحڪام واري پاسي به هليو ويو ته ان جا معيشت تي انتهائي مثبت اثر پوندا.

اسان سمجهون ٿا ته هن ملڪ ۾ ايترا وسيلا آهن جو ان کي ٻاهرين امداد جي ضرورت ئي نه پوي پر ڪجهه غلط فيصلن ۽ آئين ۽ قانون تي نه هلڻ ڪري اڄ معيشت اتي اچي پهتي آهي جو قرض وٺڻ کانسواءِ ٻيو ڪو حيلو نظر نه ٿو اچي.تنهن ڪري اهو سياسي ڌرين جو فرض آهي ته ملڪ کي هنن حالتن مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ملڪ کي ڪنهن سياسي افراتفري يا عدم استحڪام ڏانهن وڌڻ کان بچائين ته  ملڪ جي  معيشت به مضبوط ٿي ويندي.