رنبير ڪپور ۽ عاليه شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا، ممئي ۾ تقريب

0
219
رنبير ڪپور ۽ عاليه شادي

ممبئي (شوبز نيوز) ڪترينا ڪيف ۽ وڪي ڪوشا کانپوءِ بالي ووڊ جي سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ جوڙي رنبير ڪپور ۽ عاليه ڀٽ آخرڪار شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا آهن

ٻنهي اداڪارن جي شادي روايتي پنجابي انداز ۾ ٿي، جتي سندن گهرڀاتين ۽ دوستن شرڪت ڪئي. هن شادي ۾ ٿيم گولڊ اينڊ وائِيٽ رکي وئي هئي ۽ تقريباً سمورن مهمانن انهن کي رنگن جا جوڙا پتا هئا

شادي جي تقريب جوڙي جي واستو گهر باندراه ۾ منعقد ٿي هئي، جنهن ۾ صرف گهر ڀاتين ۽ دوستن کي گهرايو ويو هو، ڀارتي ميڊيا موجب تقريب ۾ صرف 50 ماڻهو ئي شريڪ هئا

اداڪارن پاڙيسرين پاران ميڊيا جي مداخلت کي خطرو قرار ڏيندي شادي جي جاءِ تي سڪيورٽي انتطام وڌايا ويا هئا. شادي کانپوءِ رنبير ۽ عاليه جي پهرين فلم “ برهمسترا” هوندي، جنهن کي آيان مکرجي ڊائريڪٽ ڪيوآهي، فلم جي شوٽنگ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ ان کي 9 سيپٽمبر تي رليز ڪيو ويندو