ميرپورماٿيلو (رپورٽ: برڪت ميراڻي) ميرپورماٿيلو جي شاھ فيصل ڪالونيءَ جي ھڪ  گھر مان شادي شده  نوجوان عورت ناديه نائچ جو ڦاھو ڏنل لاش مليو. اھڙي اطلاع تي ميرپورماٿيلو پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايچ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتڻ ناريءَ جي چاچي عمر نائچ قتل جو شڪ ظاھر ڪندي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته ناديه نائچ تي سندس سس زرينا ۽ ڏير طارق ۽ شعيب مڙس جي غيرموجودگيءَ ۾ لڳاتار تشدد ڪندا رهندا هئا، انهن ئي ڀائيٽيءَ کي قتل ڪري معاملي کي خودڪشيءَ جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ايس ايچ او ميرپورماٿيلو وحيد ڀٽو جو ان حوالي سان چوڻ ھو ته ناريءَ جو لاش پنکي ۾ ٽنگيل ھو، جيڪو ھڪ ڏينھن پراڻو لڳي رھيو آھي. وارث قتل جو شڪ ظاھر ڪري رھيا آھن. ناريءَ جو مڙس آصف نائچ ٻاھرين ملڪ رھندو آھي. فوتڻ جي سس ۽ ڏير  گھر خالي ڪري فرار ٿي ويا آھن. معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.