مورو (ن پ ا) مورو شھر جي فروٽ منڊيءَ جي رھواسي پورھيت قائم الدين ٻگھيو پنھنجي 14 سالن جي نينگريءَ سان گڏجي عدالت پھچي وڪيل معرفت درخواست داخل ڪرائي ته سندس نياڻي سان پاڙي ۾ ريزڪي دڪان ھلائيندڙ زيادتي ڪئي آھي، جنھن تي عدالت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، جنهن بعد مورو ٿاڻي تي جوابدار ساجد عرف ساجو ولد جمعدار رياض علي ڏھر خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، نينگري نازيا ٻگھيو ٻڌايو ته هوءَ ريزڪي دوڪان تان کير ۽ ٻيو سامان وٺڻ لاءِ وئي ته دڪاندار اندر کنڀي کڻي ويو ۽ جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، نينگري موجب سندس دانھن تي پاڙيسري، منھنجو پيءُ ۽ ٻيا وارث پھتا ته جوابدار فرار ٿي ويو، ٻئي طرف پ پ اڳواڻ ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي نوشھروفيروز کي جوابدار خلاف سخت ڪارروائي جون هدايتون ڪيون آهن.