ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالھيار ويجهو بي سيڪشن ٿاڻي جي حد تاجپور ۾ ڪيلن جي باغ ۾ نوجوان جو گوليون لڳل  لاش ھٿ آيو،  اطلاع تي ايس ايس پي ٽنڊوالهيار فاروق احمد بجاراڻي پوليس نفري سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي جائزو ورتو، ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته نوجوان جي کيسي مان ڪا به شئي نه ملي آهي، جنهن سان نوجوان جي سڃاڻپ ٿي سگهي، مڪمل جاچ کانپوءِ ئي معلوم ٿيندو ته ڇا نوجوان کي قتل ڪيو ويو يا ڪو ٻيو سبب آهي، واقعي جي ٽيڪنيڪل طريقي سان انڪوائري ڪنداسين، جڏهن ته پوليس طرفان ضروري ڪارروائي لاءِ لاش کي ٽنڊوالهيار جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.