ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ سيڪيورٽي گارڊ سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي  پيا، ان ڏس ۾ سچل ٿاڻي جي حد ۾ گرين سٽي ۾ هٿياربندن ذاتي دشمني تان سيڪيورٽي گارڊ همت پٽ سوڍل ابڙو کي زخمي ڪري ڇڏيو، هوڏانهن لياري جي ڪلاڪوٽ واري علائقي ۾ جوڳي چوڪ وٽ هٿياربندن فائرنگ ڪري 2 ڀائرن عبدالوارث ۽ نبي بخش پٽ مولابخش کي زخمي ڪري ڇڏيو،