دولتپور صفن (ن پ ا) دولتپور صفن ويجهو ڳوٺ ڀرسان هڪ نامعلوم درويش جو پاڻي جي نلڪي هيٺان لاش ھٿ آيو آھي، ڳوٺاڻن لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس لاش کڻائي مقامي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ايڌي سينٽر مورو منتقل ڪري ڇڏيو،. ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته اهو درويش شخص ڪجهه ڏينهن کان هتي گهمندي ڏٺو هوسين، سندس ذھني توازن درست نه هو ۽ اڄ ڳوٺ ڀرسان لڳل پاڻي جي نلڪي واري دڪي تان هن جو لاش هٿ آيو آھي.