فلمي دنيا ۾ مشهور جاپاني هدايتڪار اڪيرا ڪورساوا کي ڪير نه ٿو سڃاڻي. هو غضب جو منظرنگار هو. پنهنجي ڪم ۾ نهايت خبرداري سان چونڊ ڪرڻ ڪير هن کان سکي. پنهنجي 57 سالن جي شاندار فلمي ڪيريئر ۾ اڪيرا فقط 30 فلمون ٺاهيون. هن جي انهن باريڪ بينن ۽ ڪم سان عشق جي حد تائين لڳاءَ کي منهنجو دوست قربان چنا وڌيڪ بهتر طريقي سان سمجهي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن به دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ٺهيل ٽاپ ڪلاس جي فلمن جي سنڌيءَ ۾ سب ٽائٽلنگ ڪئي آهي.
ها ته ڳالهه پئي ڪيم، اڪيرا ڪورساوا جي ته هن جي خصوصيت فلمن جي عڪس بندي هوندي هئي. منظرڪشي کي ڪئميرا جي اک ۾ قيد ڪرڻ هن جو ڪمال هو. هن جون فلمون ڏسڻ وارا چون ٿا ته هو پنهنجي فلمن جي عڪس بندي نه پر موسيقار جيان سُر کي سُر سان ترتيب ڏيندو هو. جيئن شاعر لفظن سان رانديون ڪندا آهن، اڪيرا به فلمن جي منظرن ۾ اهڙي ڪاريگريءَ کان ڪم وٺندو هو. هن جي منظرن ۾ ايترو ته شاندار ربط هوندو هو، جو ڏسڻ وارو اک به نه ڇنڀي سگهندو هو.اڪيرا ڪورساوا جي مشهور فلمن ۾ “سيون سمورائي، رين ۽ هڊن فورٽريس” شامل آهن. اڪيرا جا ڪافي وڊيوز يوٽيوب تي موجود آهن ۽ فلمون پڻ جن کي ڏسي سگهجي ٿو، پر هن جو انٽريو ٻڌڻ وٽان آهي. اڄ کان پنجاهه سال اڳ هڪ انگريز صحافي کي ڏنل زبردست انٽرويو ۾ جڏهن اڪيرا ڪورساوا کان پڇيو ويو ته “توهان ايتريون بهترين منظرڪشيءَ واريون فلمون ڪيئن ٿا ٺاهيو؟” ته هن نهايت سادگي سان وراڻيو ته هڪ سٺي فلم ٺاهڻ جا ٽي مکيه جز هوندا آهن. جن کي فالو ڪري هر ڊائرڪٽر دنيا جي بهترين فلم ٺاهي سگهي ٿو.” سوالن جي ترتيب ۾ جڏهن انهن جزن بابت معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اڪيرا جواب ڏنو “اسڪرپٽ- اسڪرپٽ- اسڪرپٽ”
لفظ “اسڪرپٽ” کي ٽي ڀيرا ورجائڻ تي صحافي حيرت ۾ هن ڏانهن نهاريندي پڇي ٿو ته “ڀلا جيڪڏهن اسڪرپٽ لکجي ويو، مطلب پري پروڊڪشن مڪمل ٿي چڪو هجي ته پوءِ ڊائريڪٽر کي ڪهڙي پاسي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي؟” اڪيرا ڪورساوا، صحافيءَ جي سوال کي غور سان ٻڌو ۽ ڪافي سوچ کانپوءِ جواب ڏنائين ته “ڀلي ڊائريڪٽر پنهنجي ڪم کي شروع ڪري پر ان جي وچ ۾ هو مختلف ناولن جو مطالعو ڪندو رهي. خاص ڪري روسي ناول، هر فلم ڊائريڪٽر لاءِ پڙهڻ ضروري آهن.”
جڏهن روسي زبان ۾ لکيل شاهڪار ناولن جو ذڪر اچي ٿو ته ان فقير منش ناول نگار کي ڪڏهن به نه ٿو وساري سگهجي، جنهن شاندار تخليق ۾ “وار اينڊ پيس” جهڙو شاهڪار ناول شامل آهي. سچ ته هن ناول کي بين القوامي ادب جو سرمايو چئجي ته به گهٽ نه ٿيندو. هن ناول ۾ ٽي سؤ کان مٿي مختلف ڪردار آهن. هڪ لافاني تخليق جنهن جو دؤر اوڻهين صديءَ جي پهرين چوٿي يعني 25 سالن کي ڏيکاريو ويو آهي. هن ناول ۾ جهڙي ريت نيپولين بونا پارٽ طرفان روس تي حملي، امن جي وقفي ۽ ٻيهر حملي کي ظاهر ڪيو ويو آهي؛ سو بيشڪ صرف ٽالسٽائي جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو. هن ناول کي دنيا جي هر وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. ناول جي خاص ڳالهه ان جي زبردست منظرڪشي آهي. هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ قاري پاڻ کي ناول جو حصو سمجهڻ شروع ڪري ٿو.
روسي ناول جي تذڪري تان مشهور آمريڪي ناول “ٽو ڪل اي موڪنگ برڊ” ياد اچي ويو. هارپر لي 20هين صديءَ جو عظيم ناول نگار، جنهن جي جڳ مشهور ناول “ٽو ڪل اي موڪنگ برڊ” جون ٽي ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون شايع ٿيون. 1960ع ۾ شايع ٿيل هن ناول کي ناقدن توڻي پڙهندڙن طرفان تمام وڏي پذيرائي حاصل ٿي. ناول ۾ هڪ اهڙي اڇي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي، جيڪو جڏهن هڪ ڪاري ماڻهوءَ جو ڪيس وڙهي ٿو ته پنهنجي سفيد فام برداريءَ ۾ هن جي اڳيان ڪهڙيون مشڪلاتون اچن ٿيون. ان سڀني منظرن کي هارپر لي تمام سهڻي انداز سان پيش ڪيو آهي. هن ناول ۾ آمريڪي سماج جي ان اونداهي پاسي، رنگ نسل جي فرق کي ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڄ تائين اڪثر آمريڪن ورتل نظر اچن ٿا.
هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي ناول کان روسي ناول طرف هلجي ٿو. فيوڊر دوستو وهسڪيءَ جي “ڪرائيم اينڊ پنشمينٽ” جو شمار به انهن ٽاپ جي ناولن ۾ ٿئي ٿو. جن پڙهندڙن کي سدائين پاڻ ڏانهن موهيو آهي. هي ناول 1966ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ هڪ اهڙي نوجوان جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پنهنجي مالڪياڻيءَ جو خون ڪري ٿو. ان ڏوهه جي پويان نوجوان جي غربت ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل نفرت آهي. ناول ۾ راسڪولينوف جو ڪردار روسي ادب ۾ هڪ يادگار ڪردار طور سڃاتو وڃي ٿو.
آمريڪي ۽ روسي ناولن کانپوءِ ميلان ڪنڊيرا جو ناول “دي بڪ آف لافٽر اينڊ فارگيٽنگ” به غضب جو ناول آهي. ان ۾ گهڻو ڪري نفسياتي مسئلن کي ائڊريس ڪيو ويو آهي. ناول ۾ اهي منظر نهايت ڇرڪائيندڙ آهن، جڏهن ملائڪ کلندي چون ٿا ته خدا جي ٺهيل ڪائنات ۽ هي سڄو نظام بامعنى آهي. ٻئي طرف شيطان آهي، جيڪو ٽهڪ ڏئي چئي پيو ته هن ڪائنات ۾ ڪنهن به شيءَ جو ڪو به مطلب ناهي. ميلان ڪنڊيرا جي هن ناول ۾ ست باب آهن. هر باب ۾ الڳ ڪهاڻيون بيان ڪيون ويون آهن.
انهن سڀني ناولن ۾ اسپينش ناول “ڊان ڪيزوٽي” جو ذڪر نه ڪرڻ به ناانصافي ٿيندي. ان ناول لاءِ دعوا ڪئي وئي آهي ته انساني تاريخ ۾ سڀ کان گهڻي انگ ۾ شايع ٿيو. هن ناول جون پنجاهه ڪروڙ کان مٿي ڪاپيون هن وقت تائين ڇپجي چڪيون آهن. هن ناول جو ليکڪ ميگيوئل ڊي سروينٽس آهي. سال 1615ع ۾ پهريون ڀيرو ڇپجندڙ هن ناول کي انساني تاريخ جي وڏي ڪارنامي سان ياد ڪيو ويندو آهي. هن ناول ۾ هڪ اهڙي شخص جي ڪهاڻي آهي، جيڪو روايتن جي پاسداري ۽ بحالي لاءِ جنون جي حد تائين پهچي وڃي ٿو، نتيجي ۾ هو سماج ۾ هڪ هيري جي ڪردار طور سامهون آيو. هن ناول ڇپجڻ کانپوءِ ڊان ڪيزوٽي جو ڪردار هڪ املهه سورمي جي شڪل ۾ موجود آهي. توهان کي اهو ڄاڻي عجب ٿيندو ته “ڊان ڪيزوٽي” مان ئي لفظ “ڪيوزٽڪ” مستعار ڪيو ويو آهي. جنهن جي اصطلاحي معنى ٿيندي. هڪ اهڙو شخص، جيڪو پنهنجي مقصد ماڻڻ لاءِ بي وقوفاڻي حد تائين جذباتي هجي.
مٿي ڄاڻايل ناولن کانسواءِ به ڪيترائي شاندار ناول موجود آهن، جن کي ادب سان چاهه رکندڙن کي ضرور پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ناول ان سوال جو جواب بهتر نموني ڏئي سگهن ٿا ته “زندگي ڪيئن گهارجي؟”