خيرپورناٿن شاھ ڀرسان لاپتا ٿيل پيرسن جو لاش هٿ

0
147
خيرپورناٿن شاھ ڀرسان لاپتا ٿيل پيرسن جو لاش هٿ
خيرپورناٿن شاھ ڀرسان لاپتا ٿيل پيرسن جو لاش هٿ

خيرپورناٿن شاھ ( ن پ ا) خيرپورناٿن شاھ ڀرسان ڳوٺ ٻيڙو خان گاڏهي جو رهواسي ٽن ڏينهن کان لاپتا ٿيل پيرسن جو لاش هٿ آيو آهي

50 ورهين جي قربان علي گاڏهي جو لاش جاني بند ڳوٺ چوٻار ڀرسان ڪڻڪ جي فصل مان مليو، اطلاع تي گوزو پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء تعلقا اسپتال خيرپورناٿن شاھ منتقل ڪري ڇڏيو

ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته قربان علي گاڏهي کي ڪپڙي سان گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد هي فوت ٿي ويو

پراسرار نموني قتل ٿيل قربان علي گاڏهي جي ڀائٽي ستار گاڏهي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي پر ظالمن ظلم ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي

جڏهن ته گوزو ٿاڻي جي حد ۾ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، لاش ڳوٺ پهچڻ تي قهرام مچي ويو، علائقي ۾ اهي به چوٻول آهن ته قربان علي گاڏهي جو ذهني توازن درست نه هو جيڪو ٽن ڏينهن کان لاپتا هو جنهن جو اڄ هن جو لاش مليو آهي