پوليس ايڪشن وقت ايم ڪيو ايم عهديدار ڪاٿي هو؟ موبائل ڊيٽا سامهون اچي ويو

0
298
پوليس ايڪشن وقت ايم ڪيو ايم عهديدار ڪاٿي هو؟
پوليس ايڪشن وقت ايم ڪيو ايم عهديدار ڪاٿي هو؟ موبائل ڊيٽا سامهون اچي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي گذريل ڏينهن فوت ٿي ويل جوائنٽ يوسي آرگنائيزر اسلم جي موبائل فون ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي

اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس ڪارروائي وقت اسلم وزيراعليٰ هائوس نه پر پريس ڪلب ۾ موجود هو

اختيارين جو چوڻ آهي هت پوليس ايم ڪيو ايم ڪارڪن اسلم جي موت جي جاچ ڪري رهي آهي ۽ اختيارين جو چوڻ آهي ته پوليس اسلم کان ڪال رڪارڊ ڊيٽا حاصل ڪري ورتي آهي

جاچ اختيارين موجب اسلم جي سڄي ڏينهن جي ڊيٽا حاصل ڪئي وئي آهي، اسلم ڪالهه 1:42 تي گهر ۾ هو، هو 5 لڳي 10 منٽ تي شاهراه فيصل احتجاج ۾ پهتو، ان کانپوءِ پريس ڪلب ويو 6 لڳي 32 منٽن تي پريس ڪلب تي هو اتي 7 لڳي 54 منٽ تائين موجود هو

جاچ آفيسرن دعويٰ ڪئي ته پوليس ڪارروائي شام ساڍي 6 وڳي شروع ڪئي جڏهن اسلم پريس ڪلب تي موجود هو،  رات جو 8 لڳي 19 منٽ تي هن لوڪيشن راشد منهاس روڊ تي آئي جيڪو واپس گهر وڃي رهيو هو ۽ 8 لڳي 42 منٽ تي هن جي لوڪيشن فيڊرل بي ايريا بلاڪ 15 جي آءِ ايڇ ڊي جي آئي

جاچ آفيسرن جو چوڻ آهي ته اسلم کي ڪراچي انسٽيٽيوٽ هررٽ جي بيمارين ۾ هڪ ئي وقت آندو ويو، اسلم کي صبح 8:30 تي اسپتال آندو ويو ۽ رات 10.29 تي فوت ٿي ويو، سندس موبائيل لوڪيشن رات 10:33 گهر جي  آئي جڏهن مڙهه گهر نيو ويو هو، اسلم جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو

ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ وزيراعليٰ هائوس ڏانهن ويندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪارڪنن تي پوليس جي فائرنگ ۽ شيلنگ ڪئي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ ڪارڪن محمد اسلم مبينا طور تي مارجي ويو هو، جڏهن ته ايم پي اي صداقت حسين سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا