شاگرد يونين بحالي لاءِ بل تيار، جلد سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو: مجيب الحق

0
143
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي

ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ شاگرد يونين جي بحالي لاءِ تجويز ڪيل بل تيار ڪيو ويو آهي، سنڌ اسيمبلي جو اسٽينڊنگ ڪميٽي اجلاس 25 جنوري تي سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن جي صدارت چيئرمين پير مجيب الحق ڪئي، قانون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي تجويز ڪيل بل منظور ڪري اسيمبلي ڏانهن اماڻي ڇڏيو

ڪميٽي پاران تيار ڪيل بل موجب خانگي ۽ سرڪاري ڪاليجن، يونيورسٽين ۽ ٻين تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين هوندي ۽ تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺندڙ شخص شاگرد يونين کي ووٽ ڏئي سگهندو يا چونڊن ۾ حصو وٺي سگهندو

 

مسودي موجب تعليمي ادارن جا شاگرد 7 کان 11 نمائندن تي مشتمل يونين چونڊيندا، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ هر سال شاگرد يونين جاي چونڊ ٿيندي، تعليمي ادارن جي سينڊيڪٽ ۾ شاگرد يونين جي نمائندٿي هوندي، جڏهن ته تعليمي اداري جي حراسمينٽ جي خاتمي واري ڪميٽِ ۾ به يونين جا نمائيندا سامل هوندا

مسودي موجب اسيمبلي مان بل پاس ٿيڻ کان پوءِ ٻن مهينن اندر تعليمي ادارا شاگرد يونين جا قاعدا ۽ ضابطا طئي ڪندا

ڪميٽي پاران تيار ڪيل بل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۾ هٿيار کڻڻ ۽ کڻي وڃڻ تي پابندي هوندي، آتش گير مواد تي به پابندي هوندي، شاگرد يونين عوامي مفاد جا پروگرام منعقد ڪندي ۽ شاگردن جي سهولتن ۽ تعليمي ادارن کي بهتر ماحول جي لاءِ ڪم ڪندي

رابطا ڪميٽي چيئرمين پير مجيب الحق هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين جي حق ۾ آهي ۽ قيادت جي هدايت تي پهرين وفاقي سطح تي اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني شاگرد يونين جي بحالي جو اعلان ڪيو هو۽ هاڻي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي خاص هدايتن تي ڪميٽي ميمبرن جي محنت سان شاگرد يونين بل جو مسودو تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، جڏهن ته اسيمبلي جي مخلتف ميمبر جي راءِ کي به اهميت ڏني وئي آهي

پير مجيب الحق وڌيڪ چيو ته شاگرد يونين بل تي ڪافي عرصي کان ڪم هلي رهيو هو، هاڻي بل تيار ڪري اسيمبلي سيڪريٽريٽ ڏانهن اماڻيو ويو آهي، جيڪو ايندڙ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو، اميد آهي ته سمورا ميمبرز بل جي حمايت ڪندا، بل اسيمبلي مان منظور ٿيڻ کانپوءِ سنڌ پهريون صوبو هوندو جتي شاگرد يونين فعال هوندي