خوبصورت اداڪارا اُشنا شاهه شادي ڪري ڇڏي، ڪنوار جي جوڙي تي تنقيد

0
325

پاڪستاني اداڪارا اُشنا شاهه ۽ مشهور گالفر حمزه امين شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا

اُشنا شاهه ۽ حمزا امين جي شادي جي تقريب گذريل ڏينهن ٿي هئي، جنهن ۾ ويجهن دوستن ۽ شوبز انڊسٽري جي ستارن شرڪت ڪئي

سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل تصويرن ۽ وڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا اشنا شادي جي تقريب لاءِ ڳاڙهي رنگ جي لباس جي چونڊ ڪئي آهي، جڏهن ته سندس مڙس اڇي رنگ جي شيرواني پهري هئي

ان موقعي تي اشنا کي گهوٽ سان گڏ رقص ڪندي به ڏٺو ويو، جنهن جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن

ياد رهي ته اشنا شاهه ڊسمبر ۾ گالفر حمزا امين سان مڱڻو ڪيو هو، جنهن جون تصويرون به سامهون آيون هيون

ٻئي پاسي اشنا شاهه شادي جي جوڙي تي تنقيد ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي

فوٹو: سوشل میڈیا

شادي جون تصويرون ۽ وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ، ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين اشنا جي لباس تي تنقيد ڪئي

اشنا شاهه پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي هڪ پيغام جاري ڪندي سوشل ميڊيا صارفين کي لباس جي تنقيد تي سخت جواب ڏنو

اداڪارا لکيو ته جن ماڻهن کي منهنجي شادي جَي جوڙَي سان مسئلو آهي، انهن کي مون شادي ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏني هئي، نه وري اُنهن کان جوڙي جا پئسا ورتا هئا

هي به پڙهندا

نواز الادين صديقي جي گهر واري پاران مڙس تي زيادتي جو ڪيس داخل