نواز الادين صديقي جي گهر واري پاران مڙس تي زيادتي جو ڪيس داخل

0
364
نواز الادين صديقي جي گهرواري

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار نواز الدين صديقي جي گهر واري عاليه صديقي مڙس خلاف ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرائڻ سان گڏ هن تي ٻار کسڻ جو الزام به لڳايو آهي

عاليه صديقي طرفان انسٽاگرام تي وڊيو جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هوءَ روئي رهي آهي ۽ عاليه نواز الدين صديقي کي بدتميز قرار ڏيندي چئي رهي آهي ته تون پنهنجي پئسن سان ڪيترن به ماڻهن کي خريد ڪري وٺ، منهنجا ٻار مونکان نٿو کسي سگهين

اداڪار جي گهر واري وڊيو ۾ چيو ته مونکان ٻار کسي ڪٿي رکندين؟ منهنجا ٻار ڇا رهي سگهندا توسان گڏ؟ منهنجي ٻارن کي ته پيءُ بابت خبر به نه آهي ته پيءُ ڇا ٿيندو آهي؟

ان کان علاوه ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب عاليا صديقي پنهنجي مڙس اداڪار نواز الدين صديقي تي ڏاڍائي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي. عاليا موجب هن پنهنجي مڙس خلاف ڏاڍائي جو ڪيس تمام گهڻين شاهدين سان گڏ داخل ڪرايو آهي